اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) بلوچستان حڪومت جي ترجمان فرح عظيم شاهه جي گهري ميڪ اپ سان ڪيل پريس ڪانفرنس تي سخت تنقيد ڪئي پئي وڃي.
بلوچستان ۾ طوفاني برساتن کانپوءِ ٻوڏ جي صورتحال آهي ۽ وڏي پئماني تي جاني ۽ مالي نقصان ٿي رهيو آهي.
ٻوڏ جي وهڪرن ۾ وَهي 110 کان وڌيڪ ماڻهو فوت ٿي چڪا آهن، هر پاسي تباهي ئي تباهي آهي ۽ افسوسناڪ واقعا پيش اچي رهيا آهن.
اهڙي صورتحال ۾ هڪ پاسي حڪومت جون امدادي سرگرميون مطمئن ڪندڙ ناهن، جنهن تي عوام اڳ ئي ڪاوڙيل آهي، ويتر وري بلوچستان حڪومت جي ترجمان پنهنجي صوبي جي صورتحال تي اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪئي ته ماڻهو ڪوئيٽا بدران سندس اسلام آباد ۾ موجودگي تي مڇرجي پيا.
رڳو اهو ئي نه پر فرح عظيم شاهه پريس ڪانفرنس لاءِ جيئن ٺهي سنبري آئي، ان تي به سوشل ميڊيا واهپيدار تپي باهه ٿي ويا آهن.
بلوچستان میں سیلاب کی تباہ کاریاں دیکھیں اور بلوچستان حکومت کی ترجمان فرح عظیم شاہ کا میک اپ، ناخن، بلش آن اور سٹائل دیکھیں
— Nadia Syed (@Nadia_b429) July 30, 2022
سوشل ميڊيا واهپيدارن بلوچستان حڪومت جي ترجمان تي تنقيد ڪندي چيو آهي ته فرح عظيم شاهه جون تياريون ڏسي اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته کيس ٻوڏ متاثرن جو ڪيترو ڏُک آهي.
سیلاب اور ہلاکتوں کا غم؟
بلوچستان حکومت کی ترجمان کی فُل میک اپ اور ڈارک نیل پالش کے ساتھ پریس کانفرنس!
پھر کہا جاتا ہے کہ #بلوچستان کی محرومیوں پر نہ بولیں! #خاموش_انتظامیہ_ڈوبتا_بلوچستان #بلوچستان_کی_پکار pic.twitter.com/ZRK3uhzU7N
— Shama Junejo (@ShamaJunejo) July 30, 2022
هڪ واهپيدار لکيو ته بلوچستان جي ماڻهن جي بي وسي ڏسو ۽ ترجمان کي ڏسو، لڳي ٿو ڪنهن بيوٽي ڪانٽيسٽ ۾ حصو وٺڻ آئي آهي، اسلام آباد ۾ ويهي فيشن ڪرڻ بدران بلوچستان ۾ وڃي ٻڏي مرو، اتي ايترو پاڻي آهي جو توهان جهڙا به ٻڏي سگهن ٿا.
فرح عظیم شاہ کی تیاریاں دیکھ کر اندازہ لگایا جا سکتا ہے کہ ان کو ڈوبتے ہوئے بلوچستان اور سیلاب سے شہید ہونے والوں کا کتنا زیادہ دکھ ہے آج بھی یہ اتنی سی سنور کے نیوز کانفرنس کر رہی ہیں۔#بلوچستان_کی_پکار #بلوچستان_ڈوب_رہا_ہے pic.twitter.com/BRS44ia1tk
— ماں جی A Happy Mother (@HinaAri83605837) July 30, 2022
بلوچستان کے بچوں اورلوگوں کی بے بسی دیکھیں اورترجمان کا دیکھیں لگتا ہے کسی بیوٹی کونٹیسٹ میں حصہ لینے آئی ہیں۔ اسلام آباد میں بیٹھ کر فیشن کرنے کے بجائے بلوچستان میں جا کر ڈوب مرو اتنا پانی ہے وہاں کہ تم جیسے بھی ڈوب سکتے ہیں۔
— asifa idris (@asifaidris) July 30, 2022