تربت ( ويب ڊيسڪ ) بلوچستان جي شهر تربت ۾ فٽبال اسٽيڊيم ٻاهران ڌماڪي جي نتيجي ۾ 3 ڄڻا زخمي ٿي پيا آهن.
پوليس موجب تربت اسٽيڊيم ٻاهران ڪريڪر ڌماڪي جي نتيجي ۾ 3 ڄڻا زخمي ٿي پيا آهن، زخمين ۾ هڪ پوليس اهلڪار پڻ شامل آهي.
پوليس جو چوڻ آهي ته ڌماڪو ايئر پورٽ روڊ تي ٿيو، ڌماڪي وقت فٽبال اسٽيڊيم ۾ ميچ جاري هو، ڌماڪي ۾ زخمي ٿيندڙ ماڻهن کي ويجهي اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي جڏهن ته پوليس ۽ سيڪيورٽي فورسز علائقي کي گهيري هيٺ آڻي ڇڏيوآهي.