اسان سياسي قيمت ادا ڪئي پر ملڪ بچايو، ڄاڻو ٿا ته اصلي چور ڪير آهي: مفتاح اسماعيل

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ )وفاقي ناڻي واري وزير مفتاح اسماعيل چيو آهي ته عمران خان اقتدار ۾ آيو ته ڊالر 122 رُپيا ۽ ملڪي قرض 25 هزار ارب رُپيا هيو.

پنهنجي ٽوئيٽ ۾ ناڻي واري وزير چيو ته عمران خان ويو ته ڊالر 190 رُپيا ۽ ملڪي قرض 44 هزار ارب رُپيا ٿي ويو هو.

مفتاح اسماعيل چيو ته عمران خان پاڪستان کي ڏيوالي ڏانهن وٺي ويو، عمران خان آخري حڪومتي سال پاڪستان 80 ارب ڊالرز جون شيون درآمد ڪيون، اهو پاڪستان جي تاريخ جو سڀ کان وڏو خسارو هو.

هن چيو ته اسان سياسي قيمت ادا ڪئي پر ملڪ بچايو، اسان ڄاڻو ٿا ته اصل چور ڪير آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.