”ڪاوڙيل بلوچ ڀائر هٿيارن جي زور تي مسئلو حل ڪرڻ چاهين ٿا ته وساري ڇڏين“

 

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) بلوچستان حڪومت جي ترجمان فرح عظيم شاهه چيو آهي ته ڪاوڙيل بلوچ ڀائر هٿيارن جي زور تي ڪو مسئلو حل ڪرڻ چاهين ٿا ته اهو وساري ڇڏين.

پريس ڪانفرنس ڪندي فرح عظيم شاهه چيو ته افغانستان جو مثال توهان جي سامهون آهي، ڳالهين ذريعي ئي هر مسئلي جو حل ڪڍي سگهجي ٿو.

هن چيو ته جيڪڏهن وڏو وزير، وزيراعظم ۽ صدر به پنهنجي عهدن تي آهن ته عوام جي ترقي ۽ تحفظ لاءِ آهن، زيارت ۾ ڪرنل لئيق ۽ ان جي ڪزن کي بيدردي سان قتل ڪيو ويو، ان کانپوءِ ڪجهه ماڻهن جو ڌرڻو شروع ٿيو، انهن جو چوڻ هو ته آپريشن جي آڙ ۾ جبري طور گم ڪيل ماڻهن کي قتل ڪيو ويو آهي.

سندس چوڻ هو ته ڪرنل لئيق ۽ ان جي ڪزن کي بي دردي سان قتل ڪيو ويندو آهي، واقعي کانپوءِ سيڪيورٽي اداري علائقي جو گهيرو ڪيو، ان ۾ هڪ اهلڪار شهيد به ٿيو، اسان گم ٿيلن جي ڳالهه ته ڪندا آهيون پر شهيدن جي ڳالهه ڪڏهن ڪنداسين؟ ڇا انهن جا گهر وارا ناهن؟

بلوچستان حڪومت جي ترجمان چيو ته ڪجهه ماڻهو ٻاهرين طاقتن هٿان استعمال ٿي رهيا آهن، اهي اسان جا پنهنجا ماڻهو آهن، اسان چاهيون ٿا ته اهي ان سازش کي سمجهن، سازش جو حصو بڻجڻ سان انهن جي پنهنجي سرزمين جو نقصان ٿي رهيو آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.