”250 ملين ڊالرن جي مني لانڊرنگ ۾ ملوث صادق ۽ امين ڪيئن ٿو ٿي سگهي“

 

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پيٽروليم بابت مملڪتي وزير مصدق ملڪ پاڪستان تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان تي ڪڙڪي پيو.

اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي مصدق ملڪ چيو ته 250 ملين ڊالرن جي مني لانڊرنگ ۾ ملوث ڪيئن صادق ۽ امين ٿي سگھي ٿو؟

هن چيو ته عمران خان چوي ٿو عارف نقوي هنن جو حمايتي آهي، هي ساڳيو ئي عارف نقوي آهي، جنهن کي آمريڪا ۾ مني لانڊرنگ تي 290 سال قيد جي سزا جو اشارو ڏنو ويو آهي.

سندس چوڻ هو ته عمران خان سان گڏ وزيراعظم هائوس ۾ عارف نقوي جون تصويرون سواليا نشان آهن، فنانشل ٽائمز منع ٿيل فنڊنگ کي وائکو ڪيو.

هن چيو ته عمران خان جو ڪو معاشي ذريعو ناهي ته 250 ڪنال جي گھر ۾ ڪيئن رهي ٿو؟

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.