فضل الرحمان اسٽيبلشمينٽ کي واضح پيغام ڏئي ڇڏيو

 

پشاور (ويب ڊيسڪ) پي ڊي ايم سربراهه مولانا فضل الرحمان چيو آهي ته عمران خان جي گهر جي مسواڙ 9 سالن تائين آمريڪي قونصليٽ ڏيندو رهيو، آمريڪي قونصليٽ کان پئسو وٺندڙ آزادي جي ڳالهه ٿا ڪن، جنهن جي ڪابينا جا سڀئي صلاحڪار آمريڪا ۽ برطانيا جا شهري هجن، اهي اسان کي آزادي جو درس ٿا ڏين.

پارٽي ڪارڪنن سان خطاب ڪندي فضل الرحمان چيو ته تحريڪ انصاف جهڙي باطل پارٽي خلاف جيڪڏهن اڪيلو وڙهڻو پيو ته نه وڙهندس، هٿيار ڦٽا نه ڪنداسين، آئيني جنگ وڙهڻي آهي، تنهن ڪري اسٽيبلشمينٽ نيوٽرل رهي.

هن چيو ته توهان کي عالمي سازش ذريعي ڪڍيو نه ويو پر آندو ويو هو، رجيم چينج ڪير آهي ۽ ڪنهن جي خلاف سازش ٿي؟ سوشل ميڊيا سان مقبوليت جو اندازو ناهي لڳندو، نوجوان نسل کي فتني کان بچائڻو آهي.

سندس چوڻ هو ته ادارن کي استعمال ڪري اسان جي خلاف ڪيس ٺاهيا ويا، عدليا رياست جو اهم ادارو آهي، ان جو احترام اسان تي فرض آهي، جڏهن جج پنهنجي رويي سان تڪراري ٿي وڃي ۽ هڪ ڌر کي سهولت ڏئي ته رياست تباهه ٿي ويندي آهي، ڪير ڪيترو به طاقتور ۽ ڪنهن به اداري ۾ آهي، اسان ان کان نٿا ڊڄون.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.