ٽرين جو اسڪول بس کي ٽڪر، شاگردن ۽ استادن سميت 11 اجل جو شڪار

ڍاڪا ( ويب ڊيسڪ ) چٽاگانگ ۾ ٽرين جو شاگردن ۽ استادن سان ڀريل بس سان ٽڪر ٿي پيو جنهن جي نتيجي ۾ يارنهن ڄڻا فوت ۽ پنج ڄڻا زخمي ٿي پيا آهن.

پرڏيهي خابرو اداري موجب بنگلاديش جي ضلعي چٽاگانگ ۾ شاگردن ۽ استادن سان ڀريل بس ڦاٽڪ ڪراس ڪري رهي هئي ته اوچتو ان جو تيز رفتار ٽرين سان ٽڪر ٿي پيو.

مقامي اختيارين موجب حادثي ۾ 11 ڄڻا فوت جڏهن ته پنج ڄڻا زخمي ٿي پيا آهن.

حادثي ۾ فوت ٿيندڙن ۾ 7 شاگرد ۽ چار استاد شامل آهن.

پوليس موجب واقعي جي زخمين کي اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي جڏهن ته فوتين جا مڙهه قانوني ڪارروائي وبعد وارثن حوالي ڪيا ويا آهن.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.