ٽائيگر شروف ديشا سان شادي کان لنوائي رهيو هو، ديشا به کيس ڇڏي ڏنو

ممبئي (ويب ڊيسڪ) بالي ووڊ جي مشهور اداڪار ٽائيگر شراف ۽ نوجوان اداڪارا ديشا پٽاني جي وچ ۾ بريڪ اپ جو سبب سامهون اچي ويو آهي.

ڀارتي ميڊيا جي رپورٽ موجب ديشا پٽاڻي ٽائيگر شروف سان شادي ڪرڻ جي خواهش ظاهر ڪئي وئي.

رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته ٽائيگر شروف شادي کان لنوائي رهيو هو جنهن کي ديشا پٽاني محسوس ڪري ورتو ته هو ساڻس شادي نه ڪندو.

اهو ئي سبب آهي جو دشا پٽاني ساڻس واسطو ختم ڪري ڇڏيو.

ياد رهي ته ٽائيگر شروف ۽ ديشا پٽاني بريڪ اپ جي تصديق ڪئي آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.