راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) عوامي مسلم ليگ سربراهه شيخ رشيد چيو آهي ته مداخلت نرم هجي، گرم هجي يا سخت، سڀني کي گڏجي ملڪ بچائڻو آهي.
ٽوئيٽر تي جاري ڪيل بيان ۾ شيخ رشيد چيو ته سياسي ڏڦيڙ ۽ عدم استحڪام پاڪستان کي تباهي ڏانهن وٺي پيو وڃي، هڪ هڪ ڏينهن قيمتي آهي، سڀني کي گڏجي ويهڻو آهي، نه ته ماڻهو فيصلا پاڻ پنهنجي هٿن ۾ کڻي ويهندا.
سیاسی انتشار،خلفشار اور عدم استحکام پاکستان کو تباہی کی طرف لے جا رہا ہے۔مداخلت نرم ہو،گرم ہو یا سخت،سب کو مل کر ملک بچانا ہے۔ایک ایک دن قیمتی ہے۔سب لوگوں کو مل کر بیٹھنا ہے ورنہ لوگ فیصلے خود اپنے ہاتھوں میں لے لیں گے۔مہنگائی کی شرح38فیصد بڑھ گئی ہے اور غریب آٹا بھی نہیں لے سکتا
— Sheikh Rashid Ahmed (@ShkhRasheed) July 30, 2022
هن چيو ته مهانگائي جي شرح 38 سيڪڙو تائين وڌي وئي آهي ۽ غريب اٽو به نٿو وٺي سگهي، جيڪڏهن آءِ ايم ايف جو بيل آئوٽ پيڪيج نه آيو ته پاڪستان جو ڏيوالو ٿيڻ جو خطرو آهي.
سندس چوڻ هو ته تاريخ جي بدترين معاشي ۽ سياسي بحران مان گذري رهيا آهيون، مٽاسٽا ذخيرا خطرناڪ حد تائين گهٽجي ويا آهن، غريب جو چُلهو نه پيو ٻري، نه بجلي جو بل نه ٻارن جي فيس آهي، غريب وينٽي ليٽر تي آهي، سوين فيڪٽريون بند ٿي رهيون آهن.