دبئي ۾ ملڪيت خريد ڪرڻ وارن ٽاپ 10 ملڪن ۾ پاڪستان به شامل

دبئي (ويب ڊيسڪ) دبئي ۾ ملڪيت خريد ڪرڻ وارن 10 ٽاپ ملڪن جي لسٽ ۾ پاڪستان به شامل آهي.

پرڏيهي خابرو اداري جي رپورٽ موجب دبئي ۾ رهائشي پراپرٽي خريد ۽ وڪرو 60 سيڪڙو ۽ اگهن ۾ 85 سيڪڙو واڌ ٿي آهي.

ڀارت 8 سيڪڙو گهٽتائي باوجود دبئي ۾ ملڪيت خريد ڪندڙ لسٽ ۾ پهرين نمبر تي آهي.

رپورٽ موجب لسٽ ۾ برطانيا، اٽلي، روس، فرانس، ڪينيڊا، گڏيل عرب امارات، مصر، پاڪستان، لبنان ۽ چين شامل آهن جڏهن ته پاڪستان ۽ مصر ان فهرست ۾ اٺين نمبر تي آهن.

رپورٽ موجب دبئي ۾ 6 مهينن لاءِ رهائشي ملڪيت جو واپار 24.23 بلين ڊالر هو، يورپي جيو پوليٽيڪل حالتن ۽ عالمي وياج جي شرح ۾ واڌ جي امڪانن جي ڪري مارٽگيج مارڪيٽ سرگرم رهي.

روسي سيڙپڪارن طرفان دبئي ملڪيت جي خريداري يوڪرين جي جنگ جي پابندين کان پوءِ 164 سيڪڙو وڌي وئي، جڏهن ته فرانس کان دبئي ملڪيت جي خريداري 42  ۽ برطانيه کان 18 سيڪڙو سيڪڙو وڌي وئي. هندستان مان خريداري 8 سيڪڙو گهٽجي وئي ۽ دبئي ملڪيت جي خريداري اٽلي کان 17 سيڪڙو گهٽجي وئي.

رپورٽ ۾ جاري ڪيل انگن اکرن موجب 2022ع ۾ دبئي ۾ رڪارڊ 37 هزار 762 پراپرٽي يونٽ وڪرو ڪيا ويا.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.