پي ٽي آءِ جو واثق قيوم بنا مقابلي پنجاب اسيمبلي جو ڊپٽي اسپيڪر چونڊجي ويو

 

لاهور (ويب ڊيسڪ) تحريڪ انصاف جو اميدوار واثق قيوم بنا مقابلي پنجاب اسيمبلي جو ڊپٽي اسپيڪر چونڊجي ويو.

گذريل رات ڊپٽي اسپيڪر دوست محمد مزاري خلاف بي اعتمادي رٿ ڪامياب ٿي وئي هئي، جنهن کانپوءِ ڊپٽي اسپيڪر جي سيٽ خالي ٿي وئي هئي.

پي ٽي آءِ ڊپٽي اسپيڪر لاءِ واثق قيوم عباسي کي نامزد ڪيو هو ۽ هن پنهنجا نامزدگي ڪاغذ جمع ڪرائي ڇڏيا هئا، جڏهن ته هاڻ هو بنا مقابلي پنجاب اسيمبلي جو ڊپٽي اسپيڪر چونڊجي ويو آهي.

پي ٽي آءِ اڳواڻ راجا بشارت موجب اپوزيشن نامزدگي ڪاغذ وصول ڪيا پر 5 وڳي تائين ڪير به ڪاغذ جمع ڪرائڻ نه آيو، جنهن کانپوءِ اسيمبلي سيڪريٽريٽ طرفان واثق قيوم جي ڪاميابي جو اعلان ڪيو ويو آهي.

واضح رهي ته پنجاب اسيمبلي ۾ اپوزيشن جماعتن علي حيدر گيلاني کي اميدوار نامزد ڪيو هو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.