حياتي کي خطرو: ”ڪجهه ٿيو ته ذميوار نانا پاٽيڪر هوندو“

ممبئي (ويب ڊيسڪ) بالي ووڊ اداڪارا تنوشري دتا جو چوڻ آهي ته سندس جان کي خطرو آهي ۽ جيڪڏهن کيس ڪجهه ٿيو ته بالي ووڊ مافيا ۾ شامل اداڪار نانا پاٽيڪر ۽ سندس دوست ذميوار هوندا.

اداڪارا انسٽاگرام تي هڪ پوسٽ شيئر ڪئي جنهن ۾ هن لکيو ته ”جيڪڏهن مون کي ڪجهه ٿيو ته مون کي هراسان ڪندڙ جوابدار نانا پاٽيڪر، سندس وڪيل ۽ بالي ووڊ مافيا جا سندس دوست ذميوار هوندا.

تنوشري لکيو ته ڪير آهي بالي ووڊ مافيا؟ هي اهي ئي ماڻهو آهن، جن جا نالا اڪثر ڪري مرحوم اداڪار سشانت سنگهه راجپوت جي موت جي ڪيس ۾ سامهون ايندا هئا.

هن سوشل ميڊيا استعمال ڪندڙن کي چيو ته ”انهن ماڻهن جون فلمون نه ڏسن، انهن جو مڪمل بائيڪاٽ ڪن.

عاد رهي ته اداڪارا تنوشري دتا 2018ع ۾ فلم جي شوٽنگ دوران اداڪار نانا پاٽيڪر، ڪوريوگرافر گنيش اچاريا ۽ فلمساز وويڪ اگني هوتري تي جنسي هراساني جو الزام لڳايو هو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.