تحريڪ انصاف جو چيف اليڪشن ڪمشنر خلاف جڊيشل ريفرنس داخل ڪرڻ جو فيصلو

 

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) تحريڪ انصاف چيف اليڪشن ڪمشنر سڪندر سلطان راجا خلاف جڊيشل ريفرنس داخل ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي.

پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان جي صدارت هيٺ پارٽي قيادت جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ فواد چوڌري، فرخ حبيب، بابر اعواڻ ۽ ٻين شرڪت ڪئي.

اجلاس ۾ اليڪشن ڪميشن ميمبرن جي حڪومتي اتحاد جي وفد سان ملاقات جو معاملو غور هيٺ آيو.

ذريعن موجب پي ٽي آءِ پابندي پيل فنڊنگ ڪيس ۾ اليڪشن ڪميشن جي ڪردار جو جائزو ورتو ۽ چيف اليڪشن ڪمشنر بابت ريفرنس داخل ڪرڻ تي اتفاق ڪيو ويو.

ذريعن جو چوڻ آهي ته اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته اليڪشن ڪميشن خلاف صوبائي حڪومتن ۾ به ڪارروائي ڪئي ويندي، ٻه صوبائي اسيمبليون (خيبر پختونخواهه ۽ پنجاب) اليڪشن ڪميشن خلاف بي اعتمادي جا ٺهراءَ آڻينديون.

ذريعن موجب عمران خان هدايت ڪئي ته قانوني ماهر چيف اليڪشن ڪمشنر خلاف ريفرنس تي ڪم شروع ڪن.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.