گاڏين جي شوقينن لاءِ بُري خبر، اگهن ۾ لکين رپيا واڌ

 

گاڏين جي شوقينن لاءِ هڪ ٻي بُري خبر اچي وئي، ڇو ته ٽويوٽا کانپوءِ هونڊا به اگهه وڌائي ڇڏيا آهن.

هونڊا گاڏين جي اگهن ۾ 7 لک 85 هزار کان 14 لک 50 هزار رپين تائين واڌ ڪئي آهي، 1200 کان 1500 سي سي گاڏين جي اگهن ۾ واڌ ڪئي وئي آهي.

هونڊا سٽي ايم ٽي 7 لک 85 هزار رپين جي واڌ کانپوءِ 40 لک 49 هزارن جي ٿي وئي آهي، هونڊا سٽي سي وي ٽي 8 لک 10 هزار رپيا واڌ کانپوءِ 41 لک 99 هزار رپين جي ٿي وئي آهي، جڏهن ته سٽي سي وي ٽي 1500 سي سي 8 لک 50 هزار رپيا وڌي 44 لک 49 هزار رپين جي ٿي وئي آهي.

اهڙي ريت سٽي اسپائر ايم ٽي 1500 سي سي 8 لک 80 هزار رپيا وڌي 46 لک 9 هزار رپيا، سٽي اسپائر سي وي ٽي 9 لک رپيا وڌي 46 لک 99 هزار رپيا، بي آر وي – سي وي ٽي ايس ساڍا 10 لک رپيا وڌڻ کانپوءِ 52 لک 99 هزار رپين ۾ ملندي.

هونڊا سوڪ ايم سي وي ٽي ساڍا 12 لک رپيا وڌي 67 لک 99 هزار، سوڪ 1500 سي سي اوريئل ايم سي وي ٽي 13 لک رپيا واڌ سان 70 لک 99 هزار، ٽربو 1500 سي سي ايل ايل سي وي ٽي ساڍا 14 لک رپيا وڌي 80 لک 99 هزار رپين جي ٿي وئي آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.