جوابدار ڌيءَ سان زيادتي جو ڏوهه لڪائڻ لاءِ کيس ۽ زال کي قتل ڪري ڇڏيو

گجرات (ويب ڊيسڪ) منڊي بهاءُ الدين جي ڳوٺ گهانيان ۾ مڙس مبينا طور پنهنجي زال ۽ 15 ورهين جي ڌيءَ کي گوليون هڻي قتل ڪري ڇڏيو.

مڙس پهريان پنهنجي زال ۽ ڌيءَ کي زهر ڏنو ۽ پوءِ کين گهٽو ڏئي قتل ڪيو.

مقتول عورت جي پيءُ ايف آءِ آر ۾ شڪايت ڪئي ته جوابدار ڪافي عرصي کان سندس ڌيءَ کي زيادتي جو نشانو بڻائي رهيو هو، جنهن جو اطلاع سندس ماءُ کي ڏنو. پر جڏهن ماءُ اهو معاملو پنهنجي مڙس آڏو اٿاريو ته هن پنهنجي زال سان جهيڙو ڪيو ۽ بعد ۾ پنهنجي وحشياڻي ڏوهه کي لڪائڻ لاءِ ٻنهي کي زهر ڏيڻ بعد گهٽا ڏئي قتل ڪري ڇڏيو.

پوليس جوابدارن خلاف پاڪستان پينل ڪوڊ جي قلم 302 تحت ڪيس داخل ڪري جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي.

اهلڪارن واقعي واري هنڌ تان فرانزڪ ثبوت گڏ ڪري لاش پوسٽ مارٽم لاءِ سول اسپتال منتقل ڪيا.

ياد رهي ته 2 ڏينهن اڳ ڪوهاٽ جي ايڊيشنل ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج VI فرح تبسم ڌيءَ سان زيادتي ڪندڙ جوابدار کي موت جي سزا ٻڌائي هئي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.