محرم الحرام: وفاقي حڪومت وڏو قدم کڻي ورتو

 

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وفاقي حڪومت محرم الحرام ۾ نگراني لاءِ ڪنٽرول روم قائم ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي.

ٽوئيٽر تي جاري ڪيل بيان ۾ وفاقي گهرو وزير راڻا ثناءُ الله چيو ته محرم الحرام ۾ جلسون ۽ مجلسن کي فول پروف سيڪيورٽي فراهم ڪرڻ لاءِ خاص ٽيمون جوڙيون وينديون.

هن چيو ته محرم الحرام ۾ نگراني لاءِ ڪنٽرول روم قائم ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي، جڏهن ته مذهبي نفرت کي روڪڻ لاءِ آن لائن پليٽ فارمز جي سخت نگراني ڪئي ويندي.

واضح رهي ته ملڪ ۾ پهرين محرم الحرام آچر 31 جولاءِ تي هوندي، جڏهن ته عاشوري جو ڏينهن 9 آگسٽ اڱاري تي ٿيندو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.