ٻن ٻارن جي ماءُ پنهنجي ڪلاس جو شاگرد ڀڄائي وئي !

نئين دهلي (مانيٽرنگ ڊيسڪ) ڀارت ۾ ٻن ٻارن جي ماءُ اٺين ڪلاس جي شاگرد سان گڏ گهر مان ڀڄي وئي.

30 ورهين جي عورت ۽ هڪ 15 سالن جي ڇوڪرع جو تعلق آنڌرا پرديش جي ڪرشنا ضلعي جي گاريواڊا سان آهي.

هنن ٻنهي جا گهر شهر ۾ ويجهو هئا ۽ چيو وڃي ٿو ته اها عورت ڇوڪريءَ جي تمام ويجهو هئي.

19 جولاءِ تي شاگرد اوچتو گم ٿي ويو، جنهن جو اطلاع سندس والد پوليس کي ڏنو جڏهن پوليس جاچ ڪئي ته انڪشاف ٿيو ته نينگر کي سوپنا نالي عورت ڀڄائي وئي آهي، ڪيترن ئي ڏينهن جي جدوجهد کانپوءِ نيٺ پوليس عورت ۽ ڇوڪري جو پتو لڳايو.

اهي ٻئي تلنگانا رياست جي راڄڌاني حيدرآباد جي هڪ علائقي بال نگر ۾ رهندا هئا، جتان انهن کي گرفتار ڪيو ويو ۽ واپس گريواڊا ڏانهن منتقل ڪيو ويو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.