واٽس گروپ جي ايڊمينز لاءِ اهم خبر

ميسجنگ ايپليڪيشن واٽس ايپ پنهنجن گروپ واهپيدارن لاءِ نئون فيچر متعارف ڪرائي ڇڏيو آهي.

واٽس ايپ بيٽا انفو جي رپورٽ موجب هي نئون ۽ دلچسپ فيچر گروپن جي ايڊمن ( جنهن گروپ ٺاهيو آهي) لاءِ متعارف ڪرايو آهي جنهن تحت ايڊمنز گروپ کي ڪنهن به فرد جو پيغام ڊيليٽ ڪرڻ اختيار حاصل هوندو.

رپورٽ موجب اهو فيچر اينڊرائيڊ واهپيدارن جي بيٽا ورزن استعمال ڪرڻ وارن لاءِ پيش ڪيو ويو آهي جنهن جو مقصد گروپن کي بهترين طريقي سان هلائڻ آهي.

 

واٽس ايپ بيٽا انفو طرفان جاري ڪيل اسڪرين شاٽ ۾ ڏسي سگهجي ٿو ته جڏهن به گروپ ايڊمن ڪنهن شخص جو پيغام ڊيليٽ ڪندو ته ان بابت سمورن ميمبرن کي پتو لڳي ويندو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.