لانگ مارچ ڀڃ ڊاهه ڪيس، عمران خان کي وڏو عدالتي رليف ملي ويو

 اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) اسلام آباد جي مقامي عدالت اڳوڻي وزيراعظم عمران خان جي 10 ڪيسن ۾ عبوري ضمانت منظور ڪري ورتي آهي.

پي ٽي آءِ چيئرمين ضمانتن جي درخواستن تي ٻڌڻي جي سلسلي ۾ اسلام آباد جي ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن عدالت ۾ پيش ٿيو جتي جج ڪامران بشارت مفتي درخواستن تي ٻڌڻي ڪئي.

ٻڌڻي دوران عدالت عمران خان جي 10 ڪيسن ۾ عبوري ضمانت ڪنفرم ڪري ڇڏي ۽ کيس 5، 5 هزار رُپين جا ضمانتي مچلڪا جمع ڪرائڻ جي حڪم ڏنو.

عمران خان خلاف اسلام آباد جي مختلف ٿاڻن ۾ لانگ مارچ دوران ڀڄ ڊاهه ۽ ملڪيتن کي نقصان رسائڻ جا ڪيس داخل ڪيا ويا هئا جنهن ۾ کيس عبوري ضمانت تي هو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.