عدالتي فيصلي کانپوءِ تيز ٿيل سياسي ڇڪتاڻ

بادل ملاح

عدالتي فيصلو سامهون اچي ويو آهي، سخت اعصابي جنگ ختم ٿي ويئي آهي، نئين ڇڪتاڻ شروع ٿي آهي، هڪٻئي کي خراب خراب گاريُن جي ڀرمار آهي، پاڪستان تحريڪ انصاف جي عورتن کي تتليون چوڻ تي مولانا فضل رحمن جي خلاف سخت ردعمل ڏيکاريو ويو آهي، پنهنجي ساٿين جو به اعتراض سامهون آيو آهي، مولانا فضل رحمان پنهنجي اتحادي وزير اعظم ميان شهباز شريف مٿان گرم ٿي ويو آهي، آصف علي زرداري چوٿون ڀيرو چوڌري شجاعت حسي وٽ وڃي  پنج ڪلاڪ لاڳيتو ملاقات ڪري، حمزه شهباز  جي حمايت حاصل ڪري ورتي هئي، پرعدالت پنهنجو تفصيلي فيصلو ٻڌائي سياسي ڌٻڻ ۾ هلچل مچائي ڇڌي آهي. ان  تفصيلي فيصلي تحت چوڌري پرويز الاهي وزير اعلي پنجاب رهندو.

شروعاتي انگن اکرن مطابق صاف طور تي چوڌري پرويز الاهي جي ڪاميابي يقيني نظر اچي رهي هئي، پر وفاقي وزير داخلا راڻا ثناءُ الله جي ڌمڪين کان پوءِ صورتحال تبديل ٿي ويئي هئي ۽ حمزه شهباز ڪامياب ٿي چڪو هو، جنهن جي ڪاميابي پٺيان اڳوڻي صدر مملڪت آصف علي زرداري جي مهنت ۽ جفاڪشي هئي جنهن چوڌري شجاعت کان پاڪستان مسلم ليگ ق جا ڏههه ووٽ حاصل ڪري ورتا هئا.سپريم ڪورٽ پنهنجو تفصيلو ڏيئي وايو منڊل ئي تبديل ڪري ڇڏيو آهي. هاڻي صورتحال سڌرڻ بجاءِ بگڙي رهي آهي ۽ سياستدانن جي گندي سياسي ڌٻڻ ۾ هاڻي عام ماڻهو دٻجي ۽ پيسجي رهيو آهي.

چيف جسٽس عمر عطا بنديال جي سربراهي ۾ڪيل فيصلي ۾ ڊپٽي اسپيڪر پنجاب اسيمبلي جي رولنگ کي غير  قانوني قرار ڏيندي، حمزه شهباز جي چونڊ ڪالعدم ڪري، نئون وڏو وزير  پنجاب چوڌري پرويز الاهي مقرر ڪندي ان کي ساڍي  يارهين وڳي تائين قسم کڻن، گورنر جي انڪار تي صدر کي قسم کڻائڻ جو پابند ڪيو ويو. جنهن بعد نئون  وڏو وزير چوڌري پرويز الاهي بڻجي ويو.

اهڙي عدالتي فيصلي تي حمزه شهباز جو چوڻ هو ته ڀٽو کي ڦاهي جو فيصلو ڏيندڙ ججن بعد ۾ پڇتايو هو، ان کان پوءِ جيڪو نقصان ٿيو، ان جو اڄ ڏينهن تائين ازالوٿي نه سگھيو آهي. عوام جي ووٽن سان چونڊيل حڪومت کي ختم ڪيو ويو. پاڪستان مسلم ليگ ن جو خيال هو ته انصاف جو قتل ٿيو آهي، فيصلي کي پارليامينٽ ۽ آئين جي بالادستي ۾ تبديلڪندسين، هاڻي عدليه جي بحالي جو ٻِيو باب شروع ٿي ويو آهي. هن فيصلي کي نه تاريخ قبول ڪندي نه وري ملڪ جي مفاد ۾ آهي، اڄ موقعو هو ته سپريم ڪورٽ پنهنجي ساک ۽ عوام جو اعتماد بحال ڪري ها.  

چوڌري پرويز الاهي هونئن ته سياسي داءُ پيچ کيڏڻ ۽ وقت مان فائدو وٺڻ جو وڏو ماهر ۽ قابل آهي. پر موجوده حالتن ۾ ڇا هُو پنهنجي  جماعت پاڪستان مسلم ليگ ق کي صوبي پنجاب ۾ مضبوط ۽ مستحڪم ڪري، عوام ۾ مقبوليت ماڻي وٺٺندو يا نه؟ ڇو ته هِن وقت سندس جماعت ٻُڙي تي بيٺل اهي.

 اڄ پهرئين نمبر تي پاڪستان تحريڪ انصاف، ٻِئي نمبر تي پاڪستان مسلم ليگ ن ۽ ٽئين نمبر تي پاڪستان پيپلز پارٽي اهي، پر ڪڏهن يعني سنه 2002ع ۾ پاڪستان مسلم ليگ ق پهرئين نمبر تي ۽ اقتدار ۾ هُئي، ۽ وفاق خواه  صوبي پنجاب، سنڌ، ۽ بلوچستان ۾ سندس جماعت جون حڪومتون هيون، پر سنو 2008ع وارين عام چونڊن کان اڄ ڏينهن تائين سندس جماعت مٿين نمبرن تي ته ٺهيو پر هن وقت ڳڻپ ۾ به نه ٿي اچي، اها عوام منجهه ساک ۽ اعتماد وڃائي ويٺي آهي. هن وقت چوڌري خاندان پنهنجي ابن ڏاڏن جي خانداني تڪن تي چونڊجي اچي ٿو، باقي سڀ ٻُڙي نظر اچي پيو. هاڻي ڏسڻو اِهو آهي ته چوڌري پرويز الاهي پنهنجي سر عوام ۾ پوک پوکي سگهي ٿو يا نه؟؟  

هن ملڪ جي سياستدانن جي اِها روايت رهي آهي ته اُهي فقط اقتدار ۾ اچڻ جي لاءِ سياست ۾ پير پائين ٿا، جڏهن اقتدر ۾ اچن ٿا ته اڳوڻين حُڪومتن جي پاليسين کي ختم ڪري، پنهنجا نوان منصوبا ميدان ۾ آڻي اڳوڻين پاليسين کي روڪي نه صرف ملڪ جي ترقي رُڪجي وڃي ٿي پر ملڪ جي معيشت کي به ڪاپاري ڌڪُ لڳي ٿو. جنهن سبب ملڪ ڏيوالپڻي جو شڪار بڻجي پوي ٿو.  نتيجي ۾ پرڏيهي سيڙپڪار اسان جي ڏيهه ۾ سيڙپ ڪرڻ کان لنوائين ۽ ڪيٻائين ٿا. اِها به هڪڙي حقيقت آهي ته سيڙپڪاري ۽ سياسي استحڪام جو هڪٻئي سان سنئون سڌو تعلق آهي؛ ملڪ جيترو مستحڪم هوندو اوترو ئي سيڙپڪار پنهنجي سيڙپڪاري بازار ۾ ڪندا، اُن لاءِ ملڪي استحڪام هُئڻ تمام ضروري آهي.

سپريم ڪورٽ جي تفصيلي فيصلي جي روشني ۾ پنجاب جو وڏو وزير بڻجڻ بعد چوڌري  پرويز الاهي سبب وفاقي حڪومت پريشانين جي عالم ۾ ڦاسي پئي آهي. اهو ئي سبب اهي جو وفاقي وير داخلا راڻ ثناءُ الله پنجاب ۾ گورنر راڄُ قائم ڪرڻ جون ڳالهيون ڪري رهيو آهي. جڏهن ته کيس چڱي ريت ڄاڻ آهي ته پنجاب ۾ گورنر راڄُ  لاڳو ڪرڻ ايڏو سولو ۽ آسان ڪم نه اهي. پر جيڪڏهن هُو ڪوشش ڪندو ته اِها سندس لاءِ، سندس جماعت ءِ سندن وفاقي حڪومت جي لاءِ ٻِي وڏي سياسي  غلطي هوندي  ۽ پاڪستان مسلم ليگ ن جي بچيل ساک ۽ عوامي اعتماد ختم ٿيڻ جا وڏا ۽ گهڻا امڪان آهن.

هوڏانهن پاڪستان تحريڪ انصاف جي سربراھ عمران خان کي اِها اُميد پيدا ٿي آهي ته ايندڙ  چونڊن ۾ کيس فتح حاصل ٿيندي. عمران خان اِهو به سمجهي چُڪو آهي ته اقتدار حاصل ڪرڻ لاءِ مقتدر ڌرين جي حمايت ماڻڻ ضروري آهي. اسان جي ملڪي سياست ۾ ڪو به نيوٽرل نه اهي ان جي به خبر عمران خان کي پئجي چُڪي آهي. ملڪي سياستدان ڪنهن نه ڪنهن سهاري سان اقتدار ماڻين ٿا، ۽ پنهنجي ساٿين کي ساڻ کڻي عوامي امنگن جي ترجماني ڪن ٿا. ان بابت چوڌري سجاعت حسين جو چوڻ آهي ته سندس مٿان اسٽبلشمينٽ جا ٿورا آهن، هُو اُنهن کان منهن موڙي نه ٿو سگهي. پر اسان جا سياستدان سڳورا عالمي مالياتي ادارن اڳيان بي وس بڻيل آهن ۽ اُنهن جي اشارن تي لُڏي ۽ ڪڏي رهيا آهن.

عدالتي فيصلي کانپوءِ جيڪا ملڪ اندر سياسي صورتحال پيدا ٿي آهي، انُ جو انت ڪٿي ٿيندو، اِهو چوڻ وقت کان اڳ لڳي رهيو آهي پر عوام جي اڳيان ڪجهه آڻڻ جي ڪوشش ڪريان ٿو. ان جي لاءِ ملڪ جا حڪمران، کاٻيو سڄي ڌر جا اڳواڻ، حزب اختلاف جون جماعتون ۽ ٻِيا ننڍاوڏا گروھ گڏجي هڪ ميز تي ويهي پنهنجا پنهنجا نقطا سامهون ر کي يڪراءِ طور تي ڪو هڪ فيصلو ڪري پنهنجي سياسي ڇڪتاڻ سميت ملڪ کي درپيش ايندڙ سمورن مسئلن مان ٻا هر ڪڍڻ جي منصوبه بندي ڪن ۽ ملڪي معيشت کي مضبوط ڪرڻ سميت عالمي مالياتي ادارن جي ڏنل قرضن مان نجات حاصل ڪري، ملڪ ۽ عوام کي خوشحالي ڏانهن وٺي هلڻ تي عمل پيرا ٿين ته ٻيهر اهڙي ڪا به سياسي ڇڪتان سامهون نه ايندي نه وري اقتدار ۾ اچڻ لاءِ ڪنهن ٽين ڌر جي مدد جي ضرورت محسوس ٿيندي،  جيڪا جماعت اڪثريت سان عام چوندون کٽي ايندي ان  کي ئي ٻِيون سموريون جماعتون حڪمراني ڪرڻ جي دعوت ڏينديون، اهڙي ريت ڀائپي ۽ ڀائيچاري جي فضا به قائم ٿيندي.

 

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.