منھنجو ڪم، منھنجي عبادت ۽ منھنجا ڌنڌا

محمد حنيف

اسان جي ننڍپڻ کان اڳ پاڪستان ۾ هڪ مشهور فلم ٺهي هئي، اها فلم تھ نه ڏٺي هئي، پر ان جو هڪ هڪ ڊائيلاگ اسان کي ٻڌايو ويندو ھو تھ  ھڪ  چور چوري ڪرڻ لاءِ ڪنهن جي گهر ۾گهڙي ٿو، واردات دوران ڪٿان ويجھڙائي مان  ٻانگ جو آواز اچي ٿو، چور اتي ئي مصلو  وڇائي نماز پڙھڻ  شروع ٿو ڪري ڏئي،نماز کان پوءِ چور جي ايمان کان متاثر ٿي ڪري گھر جا ڀاتي پڇن ٿا، چور صاحب ،ا هيو  کليل تضاد ناهي. چور چئي ٿو تھ نماز منهنجو فرض آهي ۽ چوري منهنجو پيشو  آهي. اهو  فلم جو ڊائيلاگ ھو ، اسان تقريبن ان کي پنهنجو قومي نصب العين بڻائي ورتو آھي.

اهو ڊائيلاگ تڏهن ياد آيو، جڏهن مون ڪراچي جي دل ڏاريندڙ برسات ۾ هڪ نوجوان کي روڊ جي سگنل تي موٽرسائيڪل ليٽائيندي ڏٺو،پھرين  ياد آيو ته اسان بھ پنھنجي  جوانيءَ ۾ جڏهن هلندي  موٽرسائيڪل ۾ پيٽرول ختم ٿي ويندو هو ته ان کي فٽ پاٿ تي ليٽائي ويھي رھندا  هئاسين ۽ اميد ڪندا هئاسين ته پيٽرول جا ٻه ٽي ڦڙا ڪٿان پائيپ مان انجڻ تائين پهچي ويندا ، موٽر سائيڪل ھلي پوندي ۽ گهٽ ۾ گهٽ اڳين پئٽرول  پمپ تائين پهچي ويندي.

ڪراچي جي برسات ۾ موٽرسائيڪل ليٽائيندڙ  شخص کي ڪا اھڙي  اميد بھ نه هئي ڇاڪاڻ ته سندس کيسو خالي ھو ۽  برسات ۾ ڪم تي وڃڻ لاءِ نڪتو ھو ان اميد سان ته ڪم تي پهچي ويو تھ مزدوري ملندي جنھن مان ٻيو پيٽرول وجھرائي واپس گھر تائين پھچي سگھبو.مون کانئس صحافتي تجسس مان پڇي ورتو  ته آخري پيٽرول ڪيتري جو وجھرايو ھو، هن چيو سٺ رپين جو، مون چيو ته تصديق جي لاءِ چاليهه رپين جو بھ وجھرائي ڏسو، پيٽرول پمپ جا مزدور دردمند دل رکن ٿا،نفرت ڀري نظرن سان نٿا ڏسن،وجھي ڏيندا آھن،پيٽرول پمپ جو پائپ ٽانڪي ۾ ٿڪيندو آھي ۽ پوءِ بند ٿي ويندو آھي..

ھن برسات ۾ جڏهن منهنجو شهر ڪراچي ”ڊوب رھا ھون اڀي ڊوبا تو نھين ھون“ جھونگاري رھيو ھو، ٽي وي تي ٽڪر ھليو تھ ھڪ وڏي منصف فرمايو آھي تھ اسان پنهنجو ڪم عبادت سمجهي ڪريون ٿا. اهو به ياد اچي ويو ته اسان ٻڏون  يا بچون، قوم جي نظر ۾ يا گهٽ ۾ گهٽ اسان جي ميڊيا  تي ھڪ وڏي  ريس  ھلي رھي آهي، جنهن ۾ اھو فيصلو ٿيڻو آهي ته پنجاب جو حڪمران ”پراڻن چورن جو پٽ“ “ بڻجندو يا  ”ڊاڪوئن جو بابو“  قانوني ۽ آئيني دليل مٿان گذري ويا، پر ڪم ۽ عبادت واري ڳالھھ  ذهن ۾ اٽڪي پئي.سوچيم، ته جيڪڏهن هي ڪم عبادت وانگر ڪن ٿا ته عبادت ڪم جيان  ڪندا ھوندا ؟ ڪم کي ڪم وانگر ڪرڻ کان ڪھڙي  مذهب منع ڪئي آھي.

جيڪڏهن اهي سڀ ڪم عبادت آهن ته ھڪ بيگناهه کي ڦاھي تي ٽنگڻ  کان اڳ ۽ پوءِ ڪيترن نفل پڙھڻ سان ڪم عبادت بڻجي ويندو آھي.آڌي رات جو عمران خان کي گهر موڪلڻ جي لاءِ ڪيترن منصفن  جي تھجد قضا ٿي وئي هوندي ۽ ھاڻي ان جي ڪفاري لاءِ ڪيترا سجدا ڪرڻا پيا پوندا.اسان جي ملڪ ۾ اڪثر بالغ، ماڻھون  بلڪھ ڪروڙين ڇوڪرا ۽ ڇوڪريون به يا ته ڪم ڪري رهيا آهن يا ڪم جي ڳولا ۾ رھن ٿا آهن،عبادت بھ اھي نٿا ڪن جن کي مزدوري مان فرصت نٿي ملي، مون ڪنهن کي اها دعويٰ ڪندي نه ٻڌو آهي ته منهنجي محنت کي ئي منھنجو سجدو سمجهيو، ھي وقت به گذري ويندو پر اهو  ياد رکيو ويندو تھ جڏھن سفيد پوش ماڻھون ٻارن کي اسڪولن مان ڪڍي رهيا هئا ته فيس جا پئسا نه آھن، جڏهن ٻوڏ ۾ ڦاٿل ماڻهون  وڊيوز ٺاهي پنهنجن ٻارن کي ڏيکارڻ تي مجبور ھئا ته ڪو اچي اسان کي بچائي،جڏهن ڪوئيٽا جي وچ ۾ هڪ خيمي ۾ پردي ۾ ويٺل نياڻيون رڳو اهو مطالبو ڪري رهيون هيون ته ڪو سرڪاري آفيسر، ڪو سياستدان، ڪو نرم دل رکندڙ ڳجھي اداري جو آفيسر  اچي هنن کي ٻڌائي، ھنن جي گھر وارن کي ڇو اغوا ڪيو ويو، ته  اسان جي ملڪ جا سڀ کان طاقتور ۽ سڀني کان سياڻاماڻھو ان بحث ۾مصروف هئا ته اسان جي وڏي صوبي جو تاج ڪنهن ’چور‘ جي مٿي تي رکيو وڃي يا ’ڊاڪو‘ جي مٿي تي.

هنن جون سموريون محنتون، رياضتون ۽ عبادتون رڳو ان مقصد جي لاءِ ھيون تھ انصاف ٿئي،انصاف حاصل ڪندڙ جيڪو بھ ھجي اھو ملڪ رياض جي پرائويٽ جھاز ۾ ويھي پنھنجي منزل تي پھچي.باقي سموري  قوم مينهن ۾ٻڏيندي، روڊ تي موٽرسائيڪل ليٽائي۽ ٻن ٽن پئٽرول جي ڦڙن جي لاءِ دعا ڪري.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.