ڪراچي ۾ برسات تي ٿيندڙ تعصبي سياست 

رياض ابڙو 

سڄي ملڪ ۾ مينهن وسي پر ڪراچي شهر ۾ نه وسي، لاهور ٻڏي، لاهور جا رستا زمين دوز ٿي وڃن، لاهور جا روڊ زمين ڳِهي وڃي، اسلام آباد يا راولپنڊي جا انٽرچينج ٻڏي وڃن ته ڀلي ٻڏن، دادو ۾ بلوچستان جو نيهون وهي اچن ته ڀلي وهي اچن، جبلن تان نَيهُن جو پاڻي آئُٽي ته ڀلي آئُٽي، دادو ڪينال ڪا ڪپر ڀڄي پون ته ڀلي پڄن، ريس ڪينال ڳوٺن جا ڳوٺ ٻوڙي ته ڀلي ٻوڙي، جبلن تان مينهن جو ڪرندڙ پاڻي ڪي پي ۾ ۽ بلوچستان ۾ حياتيون ڳڙڪائي ته پيو ڳڙڪائي پر ڪراچي ۾ مينهن نه وسي يا وسي ته هڪ ڦڙو نه بيهي ان ڪري ته ڪراچيءَ جي تعصب پرست ميڊيا ايتري اسٽرونگ ٿي وئي آ يا جو ڪراچي ۾ استادن ڪيل احتجاجن کي ڪوريج نه ڏنن.

ڪراچي اندر ڪنهن به سنڌي قومپرست جي ڪيل جدوجهد کي نه ٿا ڏيکارن يا ڪراچي ۾ ڪنهن به اهڙي ڳالھه کي نه ڏيکاريندا جنهن ۾ غيراردو ايسپيڪٽ هجي يا بحريا ٽائون واري جلسي يا احتجاج کي ڪَوِريج نه ڏنن، سنڌي آباديون ڊهن ته پيون ڊهن انهن کي نه ڏيکاريندا پر لياري ايڪپريس وي ته قبضي جون ٺاهيل جايون جي ڊهنديون ته انهن کي لياري ايڪسپريس وي ٽائون ۾ گهر جي هر هڪ بالغ ڀاتيءَ کي الڳ الڳ پلاٽ ضرور ملندا يا لساني پارٽيون انهن جي آڙ ۾ بجيٽ الڳ ڳڙڪائينديون پر مجال آ جو غيرسنڌين تي ٿيل ظلم جي ڪا ڳالھه اردو ميڊيا ڪري پر مينهن ۾ ميڊيا پرسن پلاسٽڪ جون ٿيلهيون پائي به انهن هنڌن تي بيهنديون جتي مينهن جو پاڻي اتفاق سان بيهي ويندو هجي، ان ڪري وڏن روڊن جي انفراسٽرڪچر جي مرمت يا ٺاھ ٺوھ ته ٿيندي رهي ٿي پر اهڙيون پراڻيون ڪالونيون جنهن جي گھٽيون بغير ڪنهن پلاننگ جي، بغير ڪنهن گٽرلائين وڇائڻ جي ائين ئي قبضا ڪري اڏيون ويون هجن ته انهن جي پاڻي يا گٽرنيڪالي جو سسٽم اهڙن اوچتو آيل مينهن ۾ ڪٿان آڻجي ۽ اهي آباديون به اتفاق سان غيرسنڌي هجن ته پوءِ اتي اردو ميڊيا جا نمائندا ڪبوترون وانگي هڪدم لهي ٿي پون.

يا شهر ۾ جڏهن 1300 ارب روپين جي بجيٽ سان ”ڪلڪ ۽ سويپ“ پروجيڪٽ پي ٽي آءِ وارن پاڻ پئي هلايا، پوءِ اهي ڪاڏي ويا، يا جڏهن شهر 27 آگسٽ 2020 واري بارشن ۾ ٻڏي ويو هيو ته پي ٽي ءِ وارن اتي به سياست ڪري رڳو سنڌيت واري ڳالھه کي پوئتي ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي هئي، هاڻي اهي ”ايف ڊبليواو“ جا پروجيڪٽ ڪاڏي ويا، اسلام آباد جا ڪانٽريڪٽر ڪاڏي ويا، اهي جديد وسيلا، ذريعا، وفاقي بجيٽ، يا مرڪز جي سياست ڪاڏي وئي جنهن سڄو سال نالا پئي صاف ڪرايا پر جڏهن هاڻي مينهن وسيو ته شهر پوءِ به ٻڏي ويو ڄڻ نالا صاف ئي نه ٿيا هجن معني ايف ڊبليواو جو ڪم ٿئي نه ٿئي جهڙو ۽ حالت ساڳي، معني بنيادي طور تي انفراسٽرڪچر ئي غلط آ جنهن تي مولانا نعمت الله مرحوم به ڪم ڪري ويو، مصطفيٰ ڪمال به مشرف جي بجيٽ هڻي ويو پر ڳالھه ساڳي ڇو؟ پر وري به بنيادي انفراسٽرڪچر جي ڳالھه ڪيو ته اهو ئي غلط آ ان ڪري ته جاين جي مٿان جايون ٺيهيل آهن، ڪا پلاننگ ناهي، ماڻهو ڪا گھٽي، ڪا واٽ، ڪو روڊ، ڪو رستو نه ٿا ڇڏن ايستائين جو پارڪ، ڪلينڪ، سرڪاري پوسٽ آفيسون ۽ نالن جي مٿان به جايون، جڳهون، هوٽلون، سينيما گهر ۽ شادي حال ٺاهي قبضا ڪري سڀ ڪجھه  بند ڪري ٿا ويهن پوءِ سمجهه ۾ نه ٿو اچي ته جڏهن مينهن وسي ته پاڻي ڪاڏي وڃي، يا پوليٿن بيگس ۽ روڊن تي کليل هوٽلون ته وڏو آزار آهن، يا رستي جو مال سستو، مثال ائين ناهي ته ٻين سڌريل ملڪن ۾ کاڌي جون شيون سستيون ملنديون نه هونديون يا انهن جو معيار نه هوندو پر اسان وارن شهرن ۾ ماڻهو ايترا ته گهرن کان بيزار آهن جو گڏھ گاڏي، کليل سوزڪي، موٽرسائيڪلن، کليل چنگچين، روڊ تي بيٺل ريڙهين کان ڪا به کاڌي جي شيءِ وٺي کائيندا ضرور ۽ گڏوگڏ ڪچرو به اتي ئي ڪندا يا ماڻهو سمجهن ٿا ته گهر جي کاڌي کان هي رستي جو کاڌو سستو آ، ان ڪري گهر جي پچائڻ جي آزار کان هتان ئي کائجي (ڀلي اهي شيون مضرِ صحت ئي ڇو نه هجن) پر ڳالھه اها به آهي انهن رستي جا کاڌي جي وينڊرن کان اها ڳالھه پڇجي ته انهن جي ڪيل ڪچرو (جتي 400 کان پيڇڪ ماڻهو رستي جا چاڏا کائن ٿا) انهن گٽرن جي مٿان ڪيل ڪن ڦٿُ، بجلي جي بيجا استعمال ۽ روڊن جي جاءِ والاري هي ملڪ جي ڪهڙي خدمت ٿا ڪن، يا اهي ڪهڙي ٽيڪس ڀريندا هوندا يا اهي قانون لاڳو ڪندڙ ادارن کي پيسا ڏوڪڙ ڏئي ڪم ٽپايون ويٺا آهن پر جڏهن وري مينهن ٿو وسي ته اهي سڀ کان پهرين ٽي وي جي ڏيڏر نما نمائندن کي انٽرويوز ڏيندا آهن ان جي وري دعوي هوندي آ ته حڪومت ٿالھ کڻي بيهي ۽ جيئن روڊ رستي تي مينهن جي ڦڙي نه ڪري ۽ انهن جي اڳَ پُٺِ ۾ ڪيل ڪچرو به صاف ٿي وڃي يا انهن جي پسگردائي ۾ حڪومت ڪا ڪسر نه ڇڏي ان ڪري ڳالھه اها به سمجهون ته انهن پراڻن علائقن جي ٽيڪس جي شرح نه هجڻ جي برابر آ، انهن علائقن ۾ انفراسٽڪرچر زندگي ڀر يا تا قيامت صحيح نه ٿيندو، يا انهن علائقن ۾ ماڻهن انڪروچمينٽ ڪري سڄي علائقي جا نقشا مٽائيندا رهندا ان ڪري هتي هڪڙو مثال ٿا وٺون ته بحريا ٽائون جي انفراسٽرڪچر ۾ ۽ لالوکيت ۽ ٽين هَٽِيءَ جي انفرااسٽرڪچر ۾ ڏينهن رات جو فرق ان ڪري آ ته اتي (بحريا ٽائون)  ۾ ڪنهن کي مجال ناهي ته اهي کليل روڊ تي پان جي يا سگريٽن جي مانڊي يا کوکو رکي ويهن يا اتي ڪچرو ڪن، يا چانھه سموسي جي ريڙهي هڻي ويهن يا روڊ تي ڪو رَيپر يا ڪا ٿيلهي اڇلائي هليا وڃن پر جيڪي شهر جا پراڻا علائقا اهڙي ڪچري ڪرڻ ۾ پورا آهن ته اتي حڪومت جو هڪ هڪ نمائندو الڳ الڳ بيٺو هجي انهن ماڻهن کا ٿيلهيون ميڙي وٺندو وڃي يا هٿ ۾ ٻهارو کڻي بيهي جو اها ڪچرو ڪن ته اتان ڪچرو صاف ٿي وڃي، يا پان جي پِڪَ اڇلائن ته اتان صاف ڪئي وڃي پر اها علائقا نه ٽيڪس ڀرن، نه بجلي جا بل ڀرن نه ڪنهن ٻئي زمري ۾ اچي سگهن جو حڪومت انهن جي کيسي مان پيسا ڪڍي سگهي، پوءِ مينهن ڀلي ڪيترو به وسي پر ڪجھه  ڪلاڪن اندر پاڻي نالن مان وهي سمنڊ ۾ ڇوڙ ڪري ٿو اها ڪا نئين ڳالھه ناهي يا ان ڳالھه ۾ ڪو نئون طلسم يا ڪا نئين فلاسافي آ.

ميڊيا تعصب پرستي جو حال اهو آ ته ڳالھه جڏهن سنڌيت جي هوندي ته ڪوريج نه ڏيندا پر اها ڳالھه ضرور ڏيکاريندا جنهن ۾ اردو وارن جي حق تلفي ٿيندي هجي يا متاثر آبادي غيرسنڌي هجي، ان ڪري ملڪ جون ٻيون قومون ٿرڊ ۽ سيڪنڊ ڪلاس آهن هي ملڪ جا پهرين نمبر جا شهري آهن، پر مجال آ جو لاهور واري مينهن تي ڪنهن لاهوري يا اسلام آباد واري مينهن تي يا ڪي پي جي ڪنهن به بارش واري سِينَ تي ڪنهن ماڻهو ڪو پِٽڪو يا اُلڪو ڪيو هجي يا ڪي پي سرڪار کي ڪجھه  گھٽ وڌ چيو هجي پر هي ڪراچي وارا ڀلي لالوکيت يا ناظم آباد جي ڪچين پڪين آبادين ۾ رهندا هجن يا ٽيڪس يا بلن جي ادائگيءَ ۾ نه به ايندا هجن يا گھٽ ڪندا هجن پر انهن کي حق ۽ واسطا اهي بحريا ٽائون وارا کپن جنهن ۾ اهي سمجهن ته حڪومتي نمائندا انهن جي پرگهور لهڻ جي لاءِ هٿن ۾ ڇٽيون کڻي بيٺا هجن، ڀلا ملڪي تاريخ ۾ بارشون هن سال کان به وڌيڪ ٿيون به هونديون، پر شهرن ۾ ڪهڙا ڳوٺن وانگي ڪچا گهر آهن يا ڪچيون ڀتيون آهن جيڪي گھڻي بارش يا گھڻي پاڻي جي ڪري فورن ڪِري پونديون، ان ڪري حڪومت کي نقصان ڀري ڏيڻو پوندو.

جڏهن ته اها ڳالھه به واضع آهي ته جيڪي به انڊرپاس، هيٺاهينءَ وارا علائقا يا بنا پلاننگ تحت قبضن وارا پراڻا علائقا آهن جن ۾ بارش جو پاڻي تيزيءَ سان وهي پڄندو به هجي ۽ ڪلاڪ کن بيهندو به هجي يا کڻي اٺ ڪلاڪ بيهندو هجي پر اتان اهو بارش جو پاڻي نڪري به ويندو آ ان ۾ گهل گھوڙا يا هاءِگھوڙا ڪرڻ جي ڪهڙي ڳالھه آ، يا جيڪڏهن بارش وسندي ته يا گھڻي گرمي يا گھڻي سردي يا ڪلائميٽ چيينج ٿيندي ته ان به سرڪار جو قصور آ، يا جيڪڏهن بارش نه وسي ته حڪومت جا پول پڌرا نه ٿيندا يا رڳو اهو بارش جو اسڪيل آ جنهن تي حڪومت کي پرکي سگهجي ٿو، باقي ٻيا ڪم ڌوڙ، يا رڳو رڙيون ڪوڪون ڪري اهي شهري بارش کي به سياست جي نظر ڪندا آهن، يا اها ڳالھه به ڏٺي وئي ته بلدياتي اليڪشن جي ڪري هر ماڻهو پنهنجي پنهنجي تڪ ۾ وائيپر، مشينون، پائيپ، ڀنگي يا حڪومت جو ٻيون مشينريون استعمال ڪري پاڻ مڃائڻ ۾ پورا لڳا پيا هيا ته جيئن حڪومت کي ٻه گاريون ڏئي پنهنجن ووٽرن کي ڪنهن طرح راضي ڪري وجهن، وري ٽي وي نمائندن جي هڪڙي ڳالھه به سمجهه کان ٻاهر آ ته روڊ جي هڪڙي پاسي جتي پاڻي ناهي هوندو ته ٽي وي وارا ٻئي پاسي جتي روڊ جو ڪجھه  حصو کڻي بارش جي پاڻي هيٺ هوندو به ته اتي ڪيمرا کڻي بيٺا هوندا آهن، اسان ته اهو به ڏٺو ته هڪڙي مذهبي نما لساني جماعت روڊ جي ان ٽڪريءَ واري حصي تي جتي پاڻي اتفاق سان گھڻو بيٺل هيو اتي هوا سان ڀريل رٻڙي ٻيڙيون بيهاري بيٺا هيا ته جيئن ميڊيا کي ڏيکاري سگهن ته شهر ٻڏي ويو آ ۽ حڪومت ڪجھه  به نه ڪيو، پر صوبائي حڪومت به ته ان طرز جي آ جيڪا ڪي پي ۾ آ يا هتي جي حڪومت وٽ به اهي ئي وسيلا، ذريعا، پيسا، بجيٽ، ماڻهو، مشينري (کڻي ڪجھه  گھٽ يا وڌ) آهن جيڪي ملڪ جي ٻين حصن ۾ يا صوبن ۾ آهن ته پوءِ پاڻي تي سياست ڇو، مينهن تي سياست ڇو، تعصب واري سياست ڇو؟

 

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.