تحريڪ انصاف جو سبطين خان پنجاب اسيمبلي اسپيڪر چونڊجي ويو

لاهور (م ڊ) پاڪستان تحريڪ انصاف جو سبطين خان اسپيڪر پنجاب اسيمبلي چونڊجي ويو. پينل آف چيئرمين وسيم بادوزئي سبطين خان جي ڪاميابي جو اعلان ڪيو. پينل آف چيئرمين جو چوڻ هو ته تحريڪ انصاف جو سبطين خان ايوان جو نئين ڪسٽوڊين هوندو. ن ليگ ۽ اتحادي پارٽين جي اميدوار سيف الملوڪ سبطين خان کي ڪاميابي تي مبارڪ ڏني. سبطين خان جي ڪاميابي تي تحريڪ انصاف جي ميمبرن ايوان ۾ نعريبازي ڪئي. ان کان اڳ اسيمبلي سيڪريٽريٽ موجب اسپيڪر جي چونڊ ڳجهي راءِ شماري جي ذريعي ٿي ۽ ان لاءِ چونڊ ۾ موبائيل فون کڻي اچڻ تي پابندي لاڳو ڪئي وئي. اسيمبلي سيڪريٽريٽ جو چوڻ آهي ته پريس گيلري ۾ به فون کڻي وڃڻ جي اجازت نه هئي. ٻئي پاسي ن ليگ اسپيڪر جي چونڊ ۽ ڊپٽي اسپيڪر خلاف بي اعتمادي رٿ تي خدشن جو اظهار ڪري ڇڏيو. مسلم ليگ ن جي چيف وهپ پينل آف چيئرمين ۽ سيڪريٽري پنجاب اسيمبلي ڏانهن خط لکي خدشن کان آگاهه ڪيو. خط جي متن موجب اسان کي اسپيڪر جي اليڪشن ۾ اسيمبلي اسٽاف جي طرز عمل تي خدشا آهن، اليڪشن آئين جي پيراميٽرز، چونڊ قانونن، اعليٰ عدليه جي فيصلن ۽ پوليٽيڪل پارٽيز ايڪٽ تحت ڪرائي وڃي. 03

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.