غازي ڳوٺ اِي بلاڪ کي مسمار ڪرڻ خلاف احتجاجي ڪئمپ جاري، ريلي جو اعلان

گلشن اقبال (رپورٽ: شفقت نوناري) ڪراچي جي غازي ڳوٺ بلاڪ اي جي رھواسين کي بلڊر مافيا طرفان بي دخل ڪرڻ لاء پوليس جي مدد سان ٿيندڙ ڪارواين خلاف متاثرن سميت مختلف سياسي سماجي تنظيمن جي اڳواڻن طرفان مزاحمتي جدوجھد جاري ، رپورٽ موجب  ڪراچي جي عبداللـ شاھ غازي ڳوٺ جي اي بلاڪ جي رھواسين کي بي دخل ڪرڻ لاء بلڊر مافيا طرفان ٿيندڙ ڪارواين خلاف متاثرن ۽ مختلف قوم پرست سياسي سماجي تنظيمن جي اڳواڻن صحافين پاران مزاحمتي جدوجھد جو سلسلو ھلندڙ آھي قائم ڪيل احتجاجي ڪئمپ تي قوم پرست تنظيمن جي اڳواڻن ايس يو پي جي مرڪزي اڳواڻ اعجاز سامٽيو، الطاف ميمڻ، نورالدين جمالي، ارشاد جاگيراڻي ماڊل روبي علي، صحافين ماجد سمون، رزاق عاسي، سارنگ منير سومرو ۽ مشتاق سرڪي پنھنجي ٽيم سميت پھچي متاثرن سان بلڊر مافيا جي ٿيندڙ زيادتين جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪندي عبداللـ شاھ غازي ڳوٺ جي رھواسين سان مذاحمتي ويڙھ ۾ ڀرپور جدوجھد ھلائڻ جو اعلان ڪيو، ان موقعي تي سينيئر صحافي مشتاق سرڪي قوم پرست اڳواڻ اعجاز سامٽيو ۽ ٻين ڳالھائيندي چيو تـ سرڪار جي آشيرواد سان ھڪ منظم سازش تحت سنڌي ماڻھن لاء پنھنجي ڌرتي رھڻ جي لاء تنگ ڪري ڇڏي آھي انھن جا ڳوٺ ڊاھي انھن جي مٿان گوليون ۽ شيل ھلايا وڃن ٿا جڏھن تـ بلال ڪاڪا واقعي بعد سھراب ڳوٺ ۾ ٿيل صورتحال تي مفاھمتي نموني سان افغان دھشتگردن کي گرفتار ڪيو ويو سنڌي ماڻھن سان اھڙو ٻٽو معيار حڪمرانن جي بزدلي جو ثبوت آھي اسين سنڌي ماڻھن سان ٿيندڙ زيادتين کي ڪنھن بـ صورت ۾ برداشت نـ ڪنداسين 31 جولاء تي ايس يو پي جي رٿيل احتجاج جي ۾ سنڌي عوام ڀرپور شرڪت ڪري بھارين بنگالين افغانين ۽ برمين جي ساٿاري قوتن کي اھو ثابت ڪري ڏيکارينداسين تـ سنڌي ماڻھو ننڌڻڪا نـ آھن ۽ ھو پنھنجي حقن لاء ھٿين خالي جدوجھد ڪري انھن جي ھر سازش کي ناڪام بڻائي ڇڏيندا ان موقعي تي مشتاق سرڪي چيو تـ سندس ٽيم ايس يو پي جي احتجاج جي حمايت ڪري ٿي جنھن بعد 4 آگسٽ تي انھن طرفان سنڌي ماڻھن سان بلڊر مافيا طرفان ٿيندڙ زيادتين ڌاري آبادڪاري ۽ بلال ڪاڪا جي قتل واقعي خلاف گلشن حديد کان ملير پريس ڪلب تائين ڀرپور احتجاجي ريلي ڪڍي ويندي جنھن ۾ سمورن قوم پرستن ۽ ساڃاھ وند ڌرين کي ڀرپور شرڪت جي اپيل ڪجي ٿي.

سنڌي ڳوٺن خلاف ڏاڍ برداشت نه ڪنداسين: ايس ٽي پي

گلشن اقبال(ن ع آ) سنڌ ترقي پسند پارٽي مرڪزي اڳواڻن خير محمد مگسي، مبارڪ، علي بخش لاشاري ،شبير چانڊيو،قادر گبول ۽ ٻين چيو ته قديم سنڌي ڳوٺ غير قانوني نه پر قانوني آهن جن کي مسمار ڪرڻ ملڪي قانون خلاف عمل آهي سنڌ حڪومت کي گهرجي ته ڪراچي ۾ غيرملڪي بهاري، بنگالي، ايراني ۽ افغان بستين کي ختم ڪري ڇاڪاڻ ته غيرملڪي سنڌ اندر ڏوهن، منشيات ۽ قبضن ۾ ملوث رهيا آهن۽ سپريم ڪورٽ جو فيصلو آهي ته افغان مهاجرن کي ملڪ نيڪالي ڏني وڃي هنن وڌيڪ چيو ته سنڌي ڳوٺن خلاف بلڊر ۽ پوليس جي ڪا به ناجائزي ۽ ڏاڍ برداشت نه ڪنداسين ڪراچي سنڌ جي دل آهي هن شهر ۾ آباد ڪيل وسندين جي هر صورت ۾ تحفظ ڪنداسين سنڌ ترقي پسند پارٽي اڳ به ڳوٺن جو بچاء ڪيو آهي ۽ هاڻ به هر جدوجهد ۾ ڳوٺاڻن سان گڏ آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.