اسلام آباد (م ڊ) وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جي نااهلي لاءِ نظرثاني درخواست سپريم ڪورٽ ۾ ٻڌڻي لاءِ مقرر ڪئي وئي آهي، چيف جسٽس سپريم ڪورٽ عمر عطا بنديال جي سربراهي ۾ ٽه رڪني بئنچ ٻه آگسٽ تي ٻڌڻي ڪندي. درخواست گذار روشن علي ٻٽي شهريت کي بنياد بڻائي سپريم ڪورٽ کي مراد علي شاهه جي نااهلي جي استدعا ڪئي آهي. چيف جسٽس پاڪستان عمر عطا بنديال، جسٽس منصور علي شاهه ۽ جسٽس منيب اختر تي ٻڌل بئنچ وڏي وزير خلاف داخل درخواست تي ٻڌڻي ڪندي. عدالت ٻڌڻي مقرر ڪندي ڌرين کي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا آهن.