ناظم جوکيو ڪيس ۾ روپوش جوابدار گرفتاري روڪي وئي

ڪراچي (رپورٽر)ايڊيشنل ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج ملير ۽ ماڊل عدالت ۾ ناظم جوکيو قتل ڪيس ۾ روپوش جوابدار احمد شورو، سليم سالار، دودوسالار ۽ سومارسالار گرفتارکان بچائڻ لاءِ حفاظتي ضمانت لاءِ درخواست داخل ڪري ڇڏي آهي، جوابدار سيشن جج جي عدالت ۾ پيش ٿيا، سيشن جج جوابدارن جي ضمانت واري درخواست ماڊل عدالت منتقل ڪري ڇڏي آهي، جوابدارن کي 2،2 لک رپين جي مچلڪن جي عيوض 4آگسٽ تائين حفاظتي ضمانت منظور ڪري ورتي آهي . عدالت پوليس کي جوابدارن جي گرفتاري کان روڪي ڇڏيو آهي .جڊيشنل مجسٽريٽ جوابدارن جي گرفتاري جو حڪم ڏنو هو .عدالت جوابدارن کي جاچ ۾ شامل ڪرڻ جي لاءِ سرڪاري وڪيل ۽ جاچ آفيسر کي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا آهن.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.