حمزه شهباز ٽوئيٽر تي اڳوڻو وڏو وزير لکي ڇڏيو، سوشل ميڊيا تي بحث

لاهور (م ڊ) پنجاب جي اڳوڻي وڏي وزير حمزه شهباز پنهنجي ٽوئيٽر بائيو تبديل ڪري ڇڏي آهي. مسلم ليگ (ن) جي نائب صدر حمزه شهباز پنهنجي بائيو ۾ پنجاب جي اڳوڻي وڏي وزير جو واڌارو ڪيو آهي.حمزه شهباز جو ٽوئيٽر بائيو تي هاڻي مسلم ليگ ن نائب صدر ۽ پنجاب جو اڳوڻو وڏو وزير لکيل آهي. 03

اليڪشن ڪميشن پاران 11 پي ٽي آءِ ميمبر ڊي نوٽيفاءِ ڪري ڇڏيا

اسلام آباد ( م ڊ ) اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان تحريڪ انصاف جي يارنهن ميمبرن کي ڊي نوٽيفاءِ  ڪري ڇڏيو. اليڪشن ڪميشن طرفان 11 اسيمبلي ميمبرن جي سيٽن کي خالي قرار ڏنو ويو آهي. واضح رهي ته گذريل ڏينهن قومي اسيمبلي جي اسپيڪر راجا پرويز اشرف پاڪستان تحريڪ انصاف جي يارنهن ميمبرن جون استعيفائون منظور ڪيون هيون. 03

محرم الحرام جو چنڊ نظر نه آيو، پهرين محرم الحرام 1444 هجري 31 جولاءِ آچر تي ٿيندي

ڪوئيٽا (م ڊ) ملڪ ۾ محرم الحرام جو چنڊ نظر نه آيو جنهن کانپوءِ پهرين محرم الحرام 1444 هجري 31 جولاءِ آچر تي ٿيندي. محرم الحرام جو چنڊ ڏسڻ لاءِ مرڪزي چنڊ ڏسڻي ڪاميٽي جو اجلاس چيئرمين مولانا عبدالخبير آزاد جي صدارت هيٺ ڪوئيٽا ۾ ٿيو. اجلاس کانپوءِ اعلان ڪيو ويو ته ملڪ ۾ ڪٿي به چنڊ نظر اچڻ جي شاهدي ناهي ملي. مرڪزي چنڊ ڏسڻي ڪاميٽي موجب پهرين محرم الحرام 31 جولاءِ آچر تي ٿيندي ۽ يومِ عاشور 9 آگسٽ  اڱاري تي ٿيندو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.