ڌارين جي نيڪالي لاءِ خيرپور ۾ نياز ڪالاڻي جي اڳواڻي ۾ سوين ماڻهن جي ريلي

خيرپور (رپورٽ: مختيار ڦلپوٽو + شاهد نواز سيال) سنڌ مان ڌارين کي نيڪالي ڏيارڻ لاءِ ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي جي اڳواڻي ۾ جسقم جو خيرپور ۾ احتجاجي مطاهرو ، سنڌ اسان جي ماءُ آهي پر امن تحريڪ کي ڪامياب بڻايو ويندو ، افغاني ڌارا آهن کين سنڌ ڇڏڻي پوندي ، ڌارين کي نيڪالي ڏيڻ لاءِ سڄي سنڌ ۾ گو افغاني گو تحريڪ شروع ڪئي آهي ، ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي ، تفصيل موجب جسقم جي سوين ڪارڪنن نم موڙ کان پنج گوله چوڪ تائين احتجاجي مظاهرو ڪيو جنهن جي اڳواڻي جسقم جو مرڪزي اڳواڻ ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي ۽ ٻيا ڪري رهيا هئا ، ان موقعي تي مظاهري کي خطاب ڪندي ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي چيو ته سنڌ سرڪار افغانين کي ڊي پوٽ ڪري ڇو ته افعاني سنڌ جا نه پر ڌاريا آهن  ، اسين سنڌ جي حقن خاطر روڊن تي نڪتا آهيون جنهن ڪري سنڌ کي پنهنجا حق ڏياريا وڃن ،  هنن چيو ته سنڌ جي وسيلن تي ڌاريا قبضو ڪري رهيا آهن جنهن تي سنڌي قوم کي سجاڳ ٿيڻو پوندو ، سنڌ صوبو 70 فيصد ٽيڪس ڏئي ٿو ، سنڌ ۾ گئس ، ڪوئلو ۽ ٻيون ڪيتريون معدنيات وڏي مقدار ۾ موجود آهن پر سنڌين کي روزگار نه پيو ڏنو وڃي ،  وفاق روزانه مهانگائي جا بم عوام مٿان ڪيرائي رهيو آهي ، حڪمران طبقو عوامي مسئلن کان لاتعلق بڻيل آهي ، ملڪ جو هر شهري مهانگائي ، لوڊشيڊنگ ۽ طوفاني برساتن سبب تمام گهڻو پريشان آهي ، ملڪي معيشت جو پڻ برو حال آهي پر حڪمران عياشون ڪرڻ ۾ پورا آهن ۽ سنڌ جو عوام ٻه وقت پيٽ پالڻ لاءِ پريشان آهي، هن چيو ته سنڌين جي مفاد جا فيصلا هاڻي سنڌ جي عوام کي ڪرڻ ڏنا وڃن ،  ان موقعي تي امجد خان مهيسر ۽ ٻين خطاب ڪيو .

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.