وھڪرن ۾ واڌ، گڊو ۽ سکر بئراج وٽ ھيٺين درجي جي ٻوڏ

سکر(رپورٽ: آزاد مهر) سنڌو درياء ۾ پاڻي وھڪرن ۾ واڌ گڊو ۽ سکر بئراج وٽ ھيٺين درجي جي ٻوڏ برقرار ايمرجنسي لاڳو ھئڻ باوجود سکر بئراج جي ايڪسيئن آفيس جي بجلي ڪلھ کان وٺي بند عملو ڏکيائين کي منھن ڏيڻ لڳو ان سلسلي ۾ ملڪ اندر برساتي سلسلي بعد سنڌو درياء ۾ پاڻي جي سطح ۾ اضافو ٿي ويو آھي سنڌو درياء جي وھڪرن ۾ واڌ ٿيڻ لڳي گڊو بئراج وٽ پاڻي جو مٿانهون وهڪرو 3 لک 6 ھزار 81 ڪيوسڪ جڏھن ته ھيٺانھون وھڪرو 2 لک 83 ھزار 176 ڪيوسڪ رڪارڊ ڪيو ويو سکر بئراج وٽ پاڻي جو مٿانهون وهڪرو 2 لک 80 ھزار 55 ڪيوسڪ جڏھن ته ھيٺانھون وھڪرو 2 لک 51 ھزار 85 ڪيوسڪ رڪارڊ ڪيو ويواھڙي ريت ڪوٽڙي بئراج وٽ پاڻي جو مٿانهون وھڪرو 1 لک 2 ھزار 435 ڪيوسڪ جڏھن ته ھيٺانھون وھڪرو 79 ھزار 830 ڪيوسڪ رڪارڊ ڪيو ويو آھي آبپاشي کاتي پاران ٻوڏ جون ھنگامي حالتون لاڳو ڪيون ويون آھي ۽ عملي کي به ھر وقت بندن جي نگراني جا حڪم جاري ڪيا ويا آھن اھڙي صورتحال باوجود ايڪسيئن آفيس سکر بئراج جي بجلي گذريل ڏينھن منجھند کان وٺي بند پيل آھي بجلي نه ھجڻ ڪري عملو سخت ڏکيائين کي منھن ڏيڻ تي مجبور آھي اطلاع باوجود سيپڪو عملي پاران بجلي بحال نه ڪئي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.