ن ليگ ۽ پ پ کي فنڊ ڏيندڙ سامهون ڇو نه پيا آندا وڃن: فواد چوڌري

اسلام آباد ( م ڊ ) پي ٽي آءِ اڳواڻ فواد چوڌري برطانوي اخبار فنانشل ٽائمز جي رپورٽ تي ردعمل جو اظهار ڪيو آهي. ٽوئيٽر تي جاري ڪيل پنهنجي بيان ۾ فواد چوڌري چيو ته ن ليگ ۽ پيپلز پارٽي کي ڪير فنڊ ڏئي رهيو آهي، اهو راز سامهون ڇو نه پيو اچي؟ اڳوڻي وفاقي وزير مطالبو ڪندي چيو ته فارن فنڊنگ ڪيس ۾ ٽنهي پارٽين جي فنڊنگ وارو فيصلو گڏ اچڻ گهرجي.فواد چوڌري وڌيڪ چيو ته پي ٽي آءِ 40 هزار کان وڌيڪ ڊونرز جا تفصيل اليڪشن ڪميشن کي ڏنا، سمنڊ پار پاڪستاني تحريڪ انصاف کي فنڊنگ ڪندا آهن، فنڊنگ جي قانون جو مقصد اهو آهي ته ووٽرز کي خبر هئڻ گهرجي ته سياسي پارٽي جي فنڊنگ ڪير رهيو آهي. عمران خان جي پارٽي آمريڪي ڪمپنين کان پئسا ورتا، اليڪشن ڪميشن فارن فنڊنگ ڪيس جو فيصلو جلد ٻڌائي . 03

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.