ڌاري آبادڪاري ۾ پ پ ۽ اسٽيبلشمينٽ ملوث، افغانين سميت ڌاريا ڪڍيا وڃن:قومي ڪانفرنس

حيدرآباد(رپورٽ: حسيب لطيفي) سنڌ جي قومپرست تنظيمن جي اڳواڻن، ليکڪن، وڪيل اڳواڻن ۽ ساڃاهه وند ڌرين سنڌ مان افغانين، بيهارين، برمين ۽ ٻين پرڏيهين سميت سمورن ڌارين جي نيڪالي جو مطالبو ورجائيندي چيو آهي ته سنڌ ۾ ڌارين جي آبادڪاري ۾ پيپلزپارٽي جو هٿ آهي، پ پ اسٽيبلشمينٽ ۽ نسل پرستن جي ساٿاري آهي، پيپلزپارٽي جي تاريخ ڌارين کي سنڌ ۾ آباد ڪرڻ جي حوالي سان ڀري پئي آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هنن ڪالهه حيدرآباد پريس ڪلب ۾ جيئي سنڌ قومي محاذ جي ميزباني هيٺ ڌاري آبادڪاري خلاف ڪوٺايل “قومي ڪانفرنس” ۾ خطاب ڪندي ڪيو، ڪانفرنس ۾ سياسي، سماجي، مذهبي تنظيمن سميت، شاعرن، اديبن، دانشورن، ليکڪن، وڪيلن ۽ سول سوسائٽي جي نمائندن جي وڏي انگ ۾ شرڪت، قومي ڪانفرنس ۾ گڏيل قرارداد پاس ڪندي گُهر ڪئي وئي ته سنڌ مان بنا دير افغاني پناهگيرن سميت غيرقانوني طور ترسيل سمورن پرڏيهين کي نيڪالي ڏئي سپريم ڪورٽ جي فيصلي تي عملدرآمد ڪرڻ سان گڏ سنڌ ۾ آباد ٻين صوبن جي ماڻهن کان ڊوميسائل، پي آرسي، ووٽ ۽ ملڪيت جو حق واپس ورتو وڃي، سنڌ ۾ افغانين سميت ٻين غيرملڪين خلاف هلندڙ مهم ۾ سنڌ ايڪشن ڪاميٽي ان جو حصو رهندي. ان موقعي تي جيئي سنڌ قومي محاذ (جسقم) جي چيئرمين صنعان خان قريشي خطاب ڪندي چيو ته سنڌ مان افغاني پناهگيرن سميت ٻين غيرقانوني طور تي ترسيل غيرملڪين کي نيڪالي ڏيارڻ لاءِ هلندڙ جدوجهد وڌيڪ سگهاري ۽ تيز ڪنداسين، وقت جا حڪمران سنڌ مان ڌارين کي ڪڍڻ لاءِ تيار نه آهن، توڙي جو سپريم ڪورٽ جو فيصلو آيل آهي ته افغانين سميت ٻين پرڏيهين کي پنهنجي پنهنجي ملڪن ڏانهن موڪليو وڃي، پر سنڌ جا حڪمران عدالت جي فيصلي تي عمل ڪرائڻ لاءِ تيار نه آهن، ان صورتحال ۾ اسان سنڌ اندر ڌارين جي لوڌ خلاف تاريخي جدوجهد شروع ڪري ڇڏي آهي، ڌارين کي نيڪالي ڏياري سنڌ کي نجات ڏيارينداسين، ان لاءِ هي قومي ڪانفرنس ڪرائي آهي ته جيئن سنڌ جي اصل سمورن اسٽيڪ هولڊرز سان گڏجي گڏيل صلاح مشوري سان ڌاري آبادڪاري خلاف جدوجهد کي وڌيڪ سگهارو بڻائي سگهجي. جسقم جي سينيئر اڳواڻ آصف بالادي چيو ته پنجاب سنڌ کي ڪرٽي کائڻ چاهي ٿو، پٺاڻ پنجاب جا ساٿاري آهن، جيڪي گڏجي سنڌ جو وجود مٽائڻ چاهين ٿا. هن چيو ته پيپلزپارٽي سنڌ جي مفادن جي ترجمان نه پر ڌارين جي دلال ۽ سنڌ جي وحدت سان هٿ چراند ڪندڙ پارٽي آهي، پ پ سنڌي ماڻهن جي ووٽ جي امانت سان خيانت ڪري ٿي، اهو پيغام سنڌ جي جهر جهنگ تائين پهچڻ گهرجي. هن چيو ته هڪ ڌر سنڌ فٻائڻ واري، ٻي ڌر سنڌ ورهائڻ واري، ٽين ڌر سنڌ کپائڻ واري ۽ چوٿين ڌر سنڌ بچائڻ واري آهي ۽ اها چوٿين ڌر اسين اسين سنڌي پرست قومپرست آهيون. هن چيو ته سنڌ هزارين سالن جو جداگانه وطن آهي، آجپو سنڌين جو بنيادي حق آهي، ايس ٽي پي جي مرڪزي اڳواڻ حيدر شاهاڻي چيو ته سنڌ ۾ آباد ڪيل ڌارين جا شناختي ڪارڊ، ڊوميسائل، ووٽ رد ڪيا وڃن، سنڌ کي يروشلم بڻايو ويو آهي، جتي عرصي کان هٿ وٺي ڌارين کي آباد ڪري اصل ڌرتيءَ ڌڻين کي اقليت ۾ تبديل ڪرڻ جي سازش تي ڪم ڪيو پيو وڃي. هن چيو ته سنڌ جي شهرن، سمنڊ، زبان، ٻولي، اجرڪ کي ڌرتيءَ ڌڻي هرحال ۾ بچائيندا. پ پ کي سنڌي ووٽ ڏين ٿا، انهن کي سوچڻ گهرجي، اها سنڌ جي مفادن خلاف ڪم ڪرڻ کان پاسو ڪري، سنڌ سان گڏ نه بيٺي ته پ پ جو تخت تاج سنڌ جي زمين ۾ دفن ٿي ويندو. قومي عوامي تحريڪ جي مرڪزي نائب صدر ڊاڪٽر عزيز ٽالپر چيو ته سنڌ عربن جي حملن کان ويندي انگريزن جي قبضي بعد پاڪستان جي ڪالوني بڻجي وئي، جنهن ۾ سنڌ سان وڏا ظلم ۽ زيادتيون ٿيون آهن، سنڌين سدائين حملو ڪندڙن سان مقابلو ڪيو آهي.. هن چيو ته سنڌ ۾ سائين جي ايم سيد، رسول بخش پليجي، بشير خان قريشي جدوجهد ڪندي پنهنجي زندگي وقف ڪري ڇڏي، هاڻ اسان سڀ جدوجهد ڪيون پيا، سنڌ وطن کان مٿي ڪابه سياست ناهي. هن چيو ته سنڌ ۾ برسات متاثرن جي به اسان کي مالڪي وارثي ڪرڻ گهرجي. عوامي تحريڪ جي اڳواڻ ۽ نامياري قانوندان سجاد احمد چانڊيو چيو ته 2011ع جي رپورٽ مطابق سنڌ ۾ صرف ڪراچي هڪ شهر ۾ 25 لک افغاني، برمي، بيهاري ۽ بنگالي رهيل آهن، جيڪو انگ هاڻ تمام گهڻو وڌي ويو آهي، ڌاري آبادڪاري سنڌ جو اهم مسئلو آهي، سپريم ڪورٽ جو 2011ع ۾ فيصلو ۽ وفاقي صوبائي حڪومتن کي حڪم ٿيل آهي ته پرڏيهين کي نيڪالي ڏني وڃي پر افسوس جو 2022ع تائين ان فيصلي تي عملدرآمد نه ٿي سگهيو آهي، سنڌ ۾ ڌاري آبادڪاري پيپلزپارٽي دور ۾ ٿيل آهي، ان قومي ڏوهه ۾ پ پ شامل آهي، اسٽيبلشمينٽ طرفان سنڌ تي ٿيندڙ حملن ۾ پيپلزپارٽي ان جي ساٿاري رهي آهي، سنڌين کي اقليت ۾ تبديل ڪرڻ ۽ استعمال ڪرڻ جي سازش هلي رهي آهي، سنڌ ۾ پ پ سرڪار 14 سالن کان اڻ اعلانيل ايمرجنسي لاڳو ڪري ڇڏي آهي، هٿين خالي ماڻهن مٿان دهشتگردي جا ڪيس داخل ٿين پيا، سنڌ جي اڪثريتي ادب ۾ مزاحمتي ادب ڪٿي آهي؟ هن چيو ته اسان کي تاريخ ۾ جهاتي پائڻي پوندي، ڀٽو کي 1973ع جي آئين ۾ قومي تضاد نظر ڇو نه آيو؟ طاقت ۾ هجڻ باوجود وقتائتا فيصلا نه ڪيا ويا، ان ڪري هاڻ تاريخ کي درست ڪرڻ جي ضرورت آهي، پرامن ۽ منظم جدوجهد ڪرڻ گهرجي. سپريم ڪورٽ فيصلي تي عملدرآمد ڪرائڻ لاءِ عدالت سان رجوع ڪنداسين، ڌارين جو سماجي ۽ معاشي بائيڪاٽ ڪيو وڃي. جي يو آءِ (ف) سنڌ جي اڳواڻ مولانا تاج محمد ناهيون چيو ته ڌارين جي آبادڪاري کان ويندي سنڌ جي مسئلن تي اسان جو ۽ قومپرستن جو موقف هڪ ئي آهي، سپريم ڪورٽ به ڌارين کي نيڪالي ڏيڻ جو فيصلو ڏنو آهي، اسلام به اجازت نٿو ڏي ته ڪنهن جي گهر ۽ ملڪيت تي وڃي قبضو ڪجي، ڪالاباغ ڊيم خلاف به اسان فتويٰ ڏني، اسان پنهنجي تحريڪ جاري رکندي موقف چٽو رکيو اچون پيا. سنڌي پنهنجا دڪان گهر وڏي مسواڙ جي لالچ ۾ ڌارين کي ڏين ٿا، سنڌي آفيسر پئسن جي لالچ ۾ ڊوميسائل به ٺاهي ڏين ٿا. زمينون به وڏي ملهه تي ڌارين کي وڪرو ڪري ڏيون ٿا، ان تي سوچڻ گهرجي. هن چيو ته سنڌي ڪڏهن به ڪنهن جا غلام نه رهيا آهن نه ئي رهندا، سنڌين کي شهرن ڏانهن رخ ڪرڻ گهرجي، ان سان اسان پنهنجي شهرن جي مالڪي ۽ سرپرستي ڪري سگهنداسين، نبي پاڪ صه جي سنڌ کي دعا ٿيل آهي. سنڌ جنت جي ڌرتي آهي. جيئي سنڌ قومي پارٽي جي سربراهه نواز خان زنئور چيو ته سنڌين کي سنڌ جي مسئلن تي جذباتي ٿيڻ بدران سنجيدگي جي به ضرورت آهي، ڪنهن به ڌاريي کي مستقل آباد ڪرڻ، ووٽ داخل ڪرڻ، ملڪيت خريد ڪرڻ جو ڪوبه حق نه آهي، ڪراچي تي ڌاريي جي دعويٰ ٺهي ئي نٿي، ڪراچي سنڌ ۽ سنڌين جي آهي، پنجابين، پٺاڻن ۽ افغانين سميت ٻين پرڏيهين کي واپس پنهنجي صوبن ۽ ملڪن ۾ وڃڻ گهرجي.  پورهيت مزاحمت جي اڳواڻ مسرور شاهه چيو ته بلال ڪاڪا واقعي کي ڌاري آبادڪاري ڏانهن کڻڻ گهرجي، ان واقعي بعد سنڌ ۾ سياسي ڌريون ڌاري آبادڪاري خلاف ٻاهر نڪري آيون. نامياري ليکڪ ذوالفقار هاليپوٽي چيو ته بلال ڪاڪا جي واقعي بعد سنڌ ۾ آيل رد عمل کي سمجهڻ جي ضرورت آهي، سياسي قيادت کي اپيل ڪندس ته سوشل ميڊيا تي پنهنجي سياسي مهم جي حصي کي شامل ڪيو، اسان ڌرتي ڌڻي آهيون، وطن جا وارث مالڪ آهيون، سنڌين خلاف مخالف ۾ سوشل ميڊيا تي وڏي باهه ٻاري وئي پر اها جهڪي ٿي وئي، ڇاڪاڻ ته انهن کي خبر پئجي وئي ته سنڌي ڪمزور نه آهن، اهي پنهنجي مالڪي ڪري سگهن ٿا، اسان جو ڪنهن سان به ڪوبه جهيڙو ناهي، سنڌ ايڪشن ڪميٽي جا ٺهراءُ سنڌ جي واضع موقف جي عڪاسي ڪن ٿا، پختون ڪالاباغ ڊيم خلاف به وڙهي پيو ۽ سنڌ سان گڏ بيٺو آهي، هي سياسي ۽ معاشي معاملن جي جنگ آهي، ان کي سنجيدگي سان سمجهڻ جي ضرورت آهي. ليکڪ محسن جويو چيو ته هي اهو وقت آهي  جو اسان کي سياسي، سماجي مفاد هڪ پاسي ڪري هڪ ٿي سنڌ جي بقا جي جنگ وڙهڻ گهرجي. هن چيو ته افغانين سميت سڀني ڌارين کي سنڌ مان پنهنجي پنهنجي وطن موڪلڻ گهرجي.اديب ۽ ليکڪ ذوالفقار قادري چيو ته افغاني پناهگيرن جو مسئلو سنڌ جو ٻرندڙ مسئلو آهي، جن کي هڪ منظم پلاننگ تحت رهايو ويو آهي، ڪراچي کان ڪشمور تائين ڌاريا آباد آهن، جن ملڪيتون خريد ڪرڻ سان گڏ هوٽلن جي نالي ۾ هٿيارن جا گودام قائم ڪري ڇڏيا آهن. نامياري شاعر مهر ڊٻائي چيو ته افغانين، برمي بنگالين کي سنڌ ۾ آباد ڪري سنڌين جي پيرن ۾ زنجير وڌي وئي آهي، پاڪستان ۾ انهن کي سمورن صوبن ۾ ڇو نٿو رهايو وڃي.حيدرآباد بعد ڪراچي ۾ به قومي ڪانفرنس ٿيڻ گهرجي. ڊيموڪريٽڪ لائيرز فورم جي اڳواڻ قانوندان ستار سرڪي چيو ته سنڌ جي ماڻهن ڌاري آبادڪاري، ڪالاباغ ڊيم، بحريا ٽائون کان ويندي سمورن سنڌ دشمن منصوبن سازشن خلاف ثابت قدمي سان جدوجهد ڪئي آهي. اسيمبليون سردارن جا ڪلب آهن، اسيمبلين ۾ ويٺل سردار ڀوتار دهلي جا ٺڳ آهن، سنڌ جي عوام جي نمائنده قيادت قومپرست قيادت آهي، قومي ڪانفرنس کي جسقم ليڊيز ونگ جي اڳواڻ مرڪ جان، وڪيل اڳواڻ ايڊووڪيٽ اندرجيت لوهاڻي، نامياري ليکڪه حميرا، ايس يو پي اڳواڻ خدا بخش ٿيٻو ۽ ٻين پڻ خطاب ڪيو. جڏهن ته قومي ڪانفرنس ۾ جسقم اڳواڻ امجد مهيسر، ديدار شام، سهيل ڀٽو سميت ٻيا موجود هئا.03

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.