اسٽيبلشمينٽ  جي نرم مداخلت،عمران سان ملاقاتون

لاهور (عوامي آواز نيوز) ملڪ ۾ سياسي استحڪام لاءِ اسٽيبلشمينٽ نرم مداخلت شروع ڪري ڇڏي آهي ۽  ڳجهين ملاقاتن جو سلسلو شروع ٿي چڪو آهي، نامياري صحافي معظم فخر  جو چوڻ آهي ته گذريل هفتي عمران خان سان اسٽيبلشمينٽ جي هڪ شخص جي ملاقات ٿي  وري ٻه ڏينهن اڳ به اهم شخصيت سان عمران خان جي ملاقات ٿي  اهڙي طرح خميس تي عمران خان کي لاهور اچڻو هو ۽ پنجاب ڪابينا  ۽ انتظاميا بابت اهم فيصلا ڪرڻا هئا، سمورا انتظام مڪمل هئا، ملڪ رياض جو جهاز به تيار هو، عمران جهاز ۾ سوار ٿيڻ وارو هو ته عين ٽائيم تي  پرويز خٽڪ پهچي ويو ۽ عمران خان  جهاز بدران پرويز خٽڪ سان گاڏي ۾ ويهي نامعلوم هنڌ  هليو ويو ۽ لاهور نه پهچي سگهيو،. ذريعن موجب ڳجهي گڏجاڻي ٿي آهي. ذريعن  موجب آڪٽوبر يا نومبر  ۾ چونڊن تي ته اتفاق آهي، پر نواز شريف جي واپسي، مريم  نواز ۽ نواز شريف جا ڪيس ختم ڪرڻ تي اختلاف آهي نه عمران خان  مڃڻ لاءِ  تيار آهي ۽ نه (ن) ليگ شرطن تان هٽڻ لاءِ تيار آهي، ذريعن جو اهو به چوڻ آهي ته آصف علي زرداري کي اسٽيبلشمينٽ هڪ ٻيو فارمولو به ڏنو آهي جنهن کي به آصف علي زرداري ۽  نواز شريف رد ڪري ڇڏيو آهي ، جڏهن ته اتحادي  حڪومت سخت معاشي فيصلن سان گڏ سخت سياسي فيصلا ڪرڻ به شروع ڪري ڇڏيا آهن، پي ٽي آءِ جي ڪجهه  ايم اين ايز جون استعيفائون منظور ڪرڻ پهريون سخت سياسي فيصلو آهي، ڏسڻو آهي ته اسٽيبلشمينٽ جي نرم مداخلت حڪومت ۽ پي ٽي آءِ  ۾ معاملا ڪيئن حل ڪرائي سگهي ٿي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.