تڪڙيون چونڊون ناممڪن، حڪومت جو اسٽيبلشمينٽ کي پيغام

اسلام آباد (تجزيو : افتخار ڪاظمي ) اتحادي حڪومت نيٺ ٻه طرفي جنگ جو طبل وڄائي سندرا ٻڌي ورتا آهن. نامياري تجزئي نگار افتخار ڪاظمي جو چوڻ آهي ته پي ٽي آءِ  جي چونڊي چونڊي 11 ايم اين ايز  جون استعيفائون منظور ڪري اتحادي حڪومت دراصل عمران خان ۽ اسٽيبلشمينٽ کي پيغام ڏئي ڇڏيو آهي ته  وقت کان اڳ چونڊون ناممڪن آهن، جن ايم اين ايز جون استعيفائون منظور ڪيون ويون آهن، انهن 2018ع  ۾ تمام گهٽ ووٽن سان ڪاميابي ماڻي هئي هاڻي پي ٽي آءِ ننڍي چونڊ ۾ حصو ورتو ته کٽڻ  ڏکيو هوندو ڇو ته  هاڻي انهن جو مقابلو پي ڊي ايم سان آهي، پي ٽي آءِ چونڊ ۾ حصو نه ورتو تڏهن به حڪمران  اتحاد انهن تڪن  تان ڪاميابي  ماڻيندو. اهو پي ٽي آءِ کي وڏو  ڌڪ آهي، مٿان برطانوي اخبار جي رپورٽ به عمران خان کي ڌوڏي ڇڏيو آهي، هاڻي شايد فارين فنڊنگ  ڪيس  جو فيصلو به اچي وڃي ڇو ته اتحادي حڪومت جو اڳ ئي اليڪشن ڪميشن تي دٻاءُ آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.