سنڌ درياءُ ۾ چاڙهه، سڪرنڊ ۾ گلن جي ڀيٽا، امڪاني ٻوڏ کان بچڻ لاءِ دعائون

سڪرنڊ(رپورٽ: لطيف جمالي) سنڌ درياءُ کي گلن جي ڀيٽا ۽ امڪاني ٻوڏ واري صورتحال کان بچاءُ جي لاءِ دعائون گهرڻ جي لاءِ همدرد آرگنائيزيشن جو وفد اڳوڻي وفاقي سيڪريٽري ۽ چيئرمين همدرد گل محمد رند جي اڳواڻيءَ ۾ مختلف مڪتب فڪر جو وفد مڏ منگلي وٽ سنڌو درياءُ ۾ ٻيڙين ذريعي وچ سير تي پهچي گلن جي پتين جي ورکا ڪئي جڏھن ته خير و عافيت جي لاءِ  نامياري ليکڪ ۽ مذهبي شخصيت قاضي جاويد عطاري دعائون گهريون ان موقعي تي گل محمد رند ڳالهائيندي چيو ته سنڌو درياءُ اسان جي سونهاري سنڌ جي نه صرف سونهن آهي پر هن درياءُ ذريعي هزارين ماڻھو روزگار سان لاڳاپيل پڻ آهن جڏھن ته سنڌ جي معشيت جنهن جو گهڻو ڀاڱو زراعت آھي ان زراعت کي پاڻي هن سنڌو درياءُ مان پهچي ٿو هن وڌيڪ چيو ته قدرتي برساتون ۽ ٻوڏ به فطرت جي اصول ۾ آهي جنهن مان هڪ پاسي ته سنڌي ۾ چوڻي آهي ته ٻڏي جا ٻيڻا ته ٻئي پاسي  غريب ۽ مالوند ماڻھن جي نقصان جو به انديشو هوندو آهي ان ڪري اسان سنڌو درياءُ جي سِير  تي خالق ڪائنات کان خير و عافيت جون دعائون پنيون آهن هن اهو به چيو ته سرڪار کي گهرجي ته امڪاني ٻوڏ جي نقصان کان بچڻ لاءِ ڪچي جي ماڻھن جي حفاظت ۽ روزگار جا انتظام ڪري دريائي سفر جنهن جا انتظام علائقي جي سماجي شخصيت دلدار چانڊيو ڪيا ان سفر ۾ راشد علي کهڙو ، امير گل رند ، مير حسن رند ، عبدالغني راهمون ، نظير حسين رند ، ڌڻي بخش مگسي ، عطا محمد رند ، فهيم احمد پاهي ، صدام حسين انصاري ۽ جڏھن ته ميڊيا سينٽر مان قربان علي عمراڻي ۽ حافظ ظفيل جمالي ۽ سڪرنڊ پريس ڪلب مان رضا محمد سيال ، غلام حيدر سولنگي ، حاجي عبدالله مگسي پڻ شامل هئا.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.