عارف نقوي جو لنڊن ۾ ٽرائل ٿيندو يا آمريڪا ۾؟ مصدق ملڪ

اسلام آباد (م ڊ) پيٽروليم بابت مملڪتي وزير مصدق ملڪ تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان کي چور قرار ڏئي ڇڏيو . اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي مصدق ملڪ چيو ته تحريڪ انصاف کي ڪارو ڌن ڏنو ويو جنهن جي پاڪستان سزا مقرر آهي، پارٽي ختم ٿي سگهي ٿي. هن چيو ته عارف نقوي آڪسفورڊ شائر ۾ ووٽن ڪرڪيٽ ڪلب ٺاهيو، ڪرڪيٽ ميچ ڪرائي وئي، جنهن ۾ عمران خان کي خاص مهمان بڻايو ويو، ڪرڪيٽ ٽيمن جي جيڪي نالا رکيا ويا ان سان پاڪستاني عوام جي تذليل ڪئي وئي. هن چيو ته عارف نقوي جي ڪمپني ابراج ڪيپٽل هئي جنهن ۾ پرڏيهين جو پئسو هو، عارف نقوي جعلسازي ۽ ڪاري ڌن جي مختلف ڪيسن ۾ پڪڙيو ويو، هاڻ جهيڙو اهو آهي ته عارف نقوي جو لنڊن ۾ ٽرائل ٿيندو يا آمريڪا ۾ . مصدق ملڪ چيو ته عارف نقوي جا هتي مفاد هئا تنهن ڪري پي ٽي آءِ کي فنڊنگ اُماڻيندو هو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.