خيرپور ضلعي ۾ هزارين ايڪڙن تي بيٺل کجيون تباهه، اربين رپين جو نقصان

خيرپور (رپوٽ: شاهد نواز سيال) ملڪ ۾ ڪيترن ئي ڏينهن  کان هلندڙ برساتن سبب خيرپور ضلعي  جي کجين کي  ڪاپاري  ڌڪ  رسيو آهي جولاءِ مينهني  ۾ تيار  ٿيندڙ  کجي جي فصل  ۾ ڪٽائي جولاءِ مهيني جي 5 کان 10 کان شروع ٿيندي آهي  جنهن سبب ملڪ  جي ڪنڊ ڪڙڇ کان پورهيت  مزدوريءِ لاءِ خيرپور ضلعي  جو رخ  ڪندا  آهن کجي جي فصل تي مزدورر  ڪري پنهنجو  ۽ پنهنجي ٻچن جو گذر سفر ڪندا آهن  پر هن سال کجي  جي سيزين  شروع ٿيندي ئي  برسات  جو سلسلو  شروع ٿي ويو آهي  جنهن سبب خيرپور  ضلعي  هزارين ايڪڙ  تي ٻيٺل کجيون   مان 50 کان 60 سيڪڙو  مال برساتن  سبب ڪري  تباه  ٿي ويو آهي  جڏهن  ته آبادگارن ۽ باغائين  پاران  کجيون  ڪٽي تيار  ڪيل هزارين  مڻ  کارڪون ۽ ڇهارا  پڙن  ۾ برسات  جو پاڻي بيجهي وڃڻ سبب  خراب  ٿيڻ لڳو آهي  جنهن سبب  آباد گارن  ۽ کجين  جي ٺيڪيداري  جا مٿي  تي هٿ  اچي پيا آهن. ان سلسلي ۾ رابطو ڪرڻ تي خيرپور ۽ ڀرپاسي  جي آبادگارن  سنڌ آبادگار  ايسوسيئيشن جي اڳواڻن ڄام منير احمد سومرو. خليق احمد ۽ بڌٻين صحافين کي ٻڌايوته    خيرپور ضلعي   جي 80 فيصد ماڻهن  جي  گذر سفر  جو زريعو کجين جو فصل تي  هوندون آهي ۽ خيرپور  ضلعي  ۾ لکين  ايڪڙ تي مختليف  جندن  جوم کجيون  پوکيل آهن  هن سال  کارڪن جي سيزين  شروع ٿيندي ئي  برسات  جو  رڪجندڙ  سلسلو شروع  ٿي ويو آهي  جنهن ۾  هزارين کجين  ۾ تيار ٻيٺل مال برسات سبب تباه ٿي ويو آهي جڏهن  ته هيڪڙ  ٻيڪڙن سج نڪرڻ بعد  آبادهارن  ۽  باغائين  پاران  ڪٽي ڇهارا  67 کارڪون تيار ڪرڻ   تي آس تي سڪڻ  لاءِ  رکيل  چهارا  ۽ کارڪون  مسلسل  برسات  پوڻ سبب  کجين  جي پڙين ۾ گوڏي  جيڏو پاڻي  بيهنجي  وڃڻ سبب خراب ٿي ويو  آهي   جنهن سبب اسان کجين  جي ابادگارن  کي  ڪروڙين رپين جو نقصان پهتو آهي ۽ ننڍا آبادگار  توڙي وڏا آبادگار سخت پريشان ثيويا اهن هنن اعليٰ اختيارين  برساتن ۾ ٿيل نقصان  جو نوٽيس  وٺي  آبادگارن لاٰ پيڪيج  منظور ڪرائيڻ جو مطالبو  ڪيو آهي  جڏهن ته هلندڙ برسات  سبب ملڪ  جي ڪنڊ ڪڙڇ  کان  آيل پورهيت  پڻ سخت پريشان ٿي ويا آهن  کجين تي مزدوري جي آسري  تي ٻڇا ساڻ ڪري واهن  جي ڪپرن  توڙي ڳوٺ جي ٻاهران  ڌيرا ڄمائي  پوهيو ڪندڙ پورهتين  کي برسات  سبب  مزدوري  ڪانه  ملصي سگھي اهي  جنهن سبب آهي واپسي جي ڪراين توڙي ماني ٽڪي لاءِ درپدر ٿي  ويا آهن  جڏهن  ته وڏن  باغاين  وٽ 10 نکان 70 مزدور هئڻ سبب آبادگارن  کي ڪم بند هئڻ ڪري مزدورن  کي ماني کارائيڻ لاءِ پريشان ٿي ويا آهن.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.