معيشت اونهي کاهي ۾ ڪري پئي، پيٽرول اگهه وڌندا: اسد عمر

اسلام آباد(م ڊ) پاڪستان تحريڪ انصاف جي مرڪزي اڳواڻ اسد عمر چيو آهي ته معيشت اونهي کاهي ۾ ڪرڻ واري آهي جنهن کي ڪڍڻ ۾ ورهيه لڳي ويندا. هڪ بيان ۾ اسد عمر چيو ته اڄڪلهه نظرون سياست تي آهن پر معيشت جي بگڙجندڙ  صورتحال انهتائي ڳڻتي جوڳي آهي، حالتون پهرين ئي خراب ٿي ويون هيون، هاڻ ڏينهون ڏينهن بگڙجنديون پيون وڃن، پوئين ٻن هفتن دوران مٽاسٽا واري ناڻي جي ذخيرن ۾ 1 ڏهائي 2 ارب ڊالرز جي لاٿ آئي . بلوم برگ جي رپورٽ موجب پاڪستان کي ڪير پيٽرول ڏيڻ لاءِ تيار ناهي، پيٽرول وڌيڪ مهانگو ٿيندو. اسد عمر چيو ته اڄ کان اٽڪل هڪ مهينو اڳ چين کان 2.3 ارب ڊالرز ورتو ويو ، چين کان ورتل قرض مان ٻه ارب ڊالر استعمال ٿي چڪا آهن، رپئي جي قدر ۾ ايترو تيزي سان لاٿ اچي رهي آهي جنهن جو مثال تاريخ ۾ نٿو ملي. 03

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.