سنڌ يونيورسٽيءَ ۾پريويس ۽ فائنل جا امتحاني فارم جمع ڪرائڻ جي تاريخ ۾ پڻ واڌ

ڄامشورو  (پ ر) سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو پاران لاڳاپيل ڪاليجن ۾ رٿيل مختلف ساليانن امتحانن لاءِ فارم جمع ڪرائڻ جي تاريخ ۾ ليٽ فيس سان گڏ 15 آگسٽ تائين واڌ ڪئي ويئي آهي. ان سلسلي ۾ سالياني امتحانن واري ڪنٽرولر پروفيسر ڊاڪٽر سراج الحق ڪانڌڙو ڄاڻايو آھي ته اي ڊي (آرٽس) ايڪسٽرنل پروگرام، اي ڊي آرٽس، ڪامرس، سائنس ۽ ھوم اڪنامڪس حصو پھريون، ايم ڪام، ايم ايس سي، ايم اي پريويس ۽ فائنل (پوسٽ گريجوئيٽ ريگيولر پروگرام) جي سالياني امتحان 2020ع جا فارم 2000 رپيا ليٽ فيءَ سان گڏ جمع ڪرائڻ جي تاريخ ۾ 15 اگسٽ 2022ع تائين واڌ ڪئي ويئي آھي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.