اوٻاوڙو ۾ پسند پرڻي تان ڪاهه، عورتن ٻارن تي تشدد، ڀڃ ڊاهه، ڦرلٽ، احتجاج

احتجاج ۾ شريڪ عبدالشڪور رند مٺل رند مائي حاجل مائي شبانا مائي سميرا مائي عذراء ۽ ٻين ميڊيا اڳيان دانهيدي چيو ته اسان جي نوجوان نور احمد ولد مٺل رند رابعا ڌي پٺاڻ خان رند سان صادق آباد جي عدالت  ۾ پسند جو پرڻو ڪيو آهي جيڪو هن وقت الاهي ڪٿي ۽ ڪهڙي حال ۾ آهي جنهن کان بعد رابيعا رند جا وارث غازي، شھبازي، لياقت ،حاجي، عبدالرحمن، امتياز ٻڪورڻ ۽ ٻيا جان جا دشمن بڻجي ويا آهن ۽ انهن اسان جي گهرن مٿان حملو ڪري چوپايو مال سون چاندي ۽ ٻيو قيمتي سامان ڦر ڪري گهرن ۾ ڀڃ ڊاھ ڪندي عورتن ۽ ٻارڙن کي تشدد جو نشانو بڻائي حراسان ڪيو آهي اوٻاوڙي پوليس کي دانهن ڏيڻ باوجود به اسان جي داد رسي نه ٿي رهي آهي جوابدار بااثر آهن انهن اڳيان پوليس بيوس نظر اچي رهي آهي بااثر ڪجهه ڏينهن اڳ اسان جي سبحان علي رند ۽ منظور احمد رند کي پوليس ھٿان ڪوڙي ڪيس ۾ گرفتار ڪرائي ويا آهن، اگر پسند جو پرڻو ڏوهه آهي ته پريمي نوراحمد جي غلطي جي سزا سمورو خاندان ڇو ڀوڳي رھيو آھي، چيف جسٽس، ايس ايس پي گهوٽڪي واقعي جو نوٽيس وٺي تحفظ فراهم ڪري.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.