ميان صاحب ڀرسان گهر کي کاٽ، پورهيت جو احتجاج

ميان صاحب (ن ع آ) ميان صاحب ڀرسان جهان واهہ ٿاڻي جي حد ڳوٺ وڪڙو ۾ نامعلوم چور گهر ڌڻي محمد عثمان ڪاڪيپوٽو جي گهر کي کاٽ هڻي گهر ۾ ٽي وي ، رسيور ، سولر جا پکا ، ڪپڙا ۽ ٻيو هزارين رپين جو سامان چوري ڪري ويا، صبح جو سويل گهر ڀاتين پاران سنڀالڻ تي کاٽ ڏسي ڳوٺاڻن ۽ حد جي پوليس جهان واهه کي ڪيو، متاثر پورهيت محمد عثمان ڪاڪيپوٽو پنهنجن معصوم ٻارڙن سان گڏ چورين ۽ بدامني خلاف احتجاج ڪندي دانهيو تہ جهان واهہ ٿاڻي جي حد ۾ بدامني وڌي وئي آهي . نامعلوم چور منهنجي گهر کي کاٽ هڻي هزارين رپين جي چوري ڪري ويا هنن ايس ايس پي شڪارپور کان علائقي ۾ وڌندڙ بدامني تي ضابطو آڻڻ ۽ چوري ٿيل سامان واپس ڪرائڻ جي گهر ڪئي آھي .

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.