ميھڙ پوليس جو ڪارنامو،ڌرڻي ڪيس ۾ وڌيڪ 27 شهري نامزد

ميھڙ ( س ر ) ميهڙ ۾ ھڪ مھينو اڳ ميهڙ شهر جي مصروف ترين چوڪ گهنٽا گهر تي ون فائيو سينٽر ٻاهران اعواڻ ميڊيڪل اسٽور تي لڳل ڌاڙي خلاف شهرين پاران ميھڙ انڊس ھاء وي تي احتجاج ڪري ڌرڻو هنيو ويو هيو  ۽ ڌرڻي دوران صوبائي وزير باري پتافي جي گاڏي روڪي اڳيان ڌرڻو پڻ ھنيو ويو ھو جنهن جو ڪيس سرڪار پاران اي ٽي سي جا قلم لڳائي 8 سڃاتلن سميت 60 اڻ سڃاتلن خلاف داخل ڪيو ويو هيو ان ئي ڪيس ۾ ميھڙ بي سيڪشن پوليس ميونسپل ڪاميٽي ميھڙ جي 3 نامزد اميدوارن ۽ ٻن صحافين سميت 27 شھرين کي سڃاتل ڄاڻائي ڪيس ۾ نالا شامل ڪيا ويا آھن ميھڙ بي سيڪشن پوليس ڪيس ۾ شهري اتحاد جي صدر ۽ شھيد ڀٽو پاران نامزد ڪيل ميونسپل ڪاميٽي ميھڙ جي اميدوار عبدالستار چنا ، پي ٽي آء پاران نامزد اميدوارن اسماعيل بروهي ، مسرور ٻرڙو ۽ نوجوان شھري منصور ٻرڙو ، عالمگير ٿهيم ، صحافي عمران تيوڻو ،صحافي شڪيل عطار ، مهراڻ ، عبدالحفيظ ، حبيب الله سميت 27 ماڻهن کي شامل ڪري ڇڏيو آھي جڏنھن تہ اي ٽي سي ڪورٽ نوشهروفيروز پاران ميهڙ پوليس کي ڄاڻايل ماڻھن کي گرفتار ڪرڻ جا وارنٽ بہ جاري ڪري ڇڏيا آھن ھوڏانھن ميھڙ پوليس پاران بلدياتي اليڪشن ۾ حصو وٺندڙ اميدوارن ، شھري اتحاد جي اڳواڻن ۽ صحافين جا نالا ڪيس ۾ شامل ڪرڻ کان پوء شھرين سول سوسائيٽي جي اڳواڻن پاران پوليس جي اھڙي عمل جي مذمت ڪندي آء جي سنڌ کان نوٽيس وٺڻ جو پڻ مطالبو ڪري ڇڏيو آھي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.