ٽنڊي باگو: جمالي برادري ۾ 10 سالن کان هلندڙ تڪرار جو نبيرو

تنڊو باگو (ن ع آ) ٽنڊي باگي لڳ ڳوٺ محمدحنيف جمالي ۾2011.کان وٺي 2021.تائين يونين ڪائونسل سارنگ فقير ۾ جمالي برادري جي زرعي زمين جي تڪرار تان ٿيل جهيڙن ڳوٺ محمد حنيف جمالي ٽن مقتولن  مراد علي ،ولد سليم جمالي، وقار ولد بجر جمالي، معتبر ولد فتح خان جمالي جي ٿيل خونن جو راڄوڻي فيصلو پاڪستان پيپلز پارٽي بدين  ضلعي جي جنرل سيڪريٽري حاجي سائين بخش جمالي جي سر پئنچي ۾ اڄ ، 29.07.2022.جمعي جي ڏينهن ٽنڊو باگو لڳ پينگهارو جمالي فارم هائوس تي ٿيو .جنهن ۾ ٽنهي ڌرين جي مک ماڻهن برادري جي چڱن مڙسن ، جن ۾ راڻو خان جمالي، غلام رسول جمالي، نور جمالي، صدر جمالي، شاهنواز جمالي، حاڪم علي جمالي، ڀٽو جمالي، جاويد جمالي، خالد احمد جمالي، خليق الزمان جمالي، آفتاب جمالي، غلام نبي جمالي، غلام مصطفيٰ جمالي، بجر جمالي، خدا ڏنو جمالي، دلمراد جمالي، محمد جمن جمالي، الطاف علي جمالي، آصف علي جمالي، ڪامران علي جمالي، فدا حسين جمالي شرڪت ڪئي .جنهن بعد پاڪستان پيپلز پارٽي ضلعي بدين جي جنرل سيڪريٽري، جمالي برادري ضلعي بدين جي سر پئنچ سائين بخش جمالي پنهجي جمالي برادري جي قتلن تان ڪاوڙيل برادري جي ماڻهن کي گڏ ڪري انهن جون ڳالهيون ٻڌڻ کانپونءَ ٿيل ٽنهي خونن جا هڪ ٻئي کي خون معاف ڪرائي پنهجي پوري برادري کي پاڻ ۾ پرچائي کير کنڊ ڪري ڇڏيو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.