ڏوڪري (ن ع آ ) لطيف جي پارکو لطف پيرزادو جي چوٿين ورسي ملهائي وئي، ڀيٽا پيش تفصيل موجب ڀٽائي جي شارح ليکڪ صحافي لطف پيرزادي جي چوٿين ورسي سندس اباڻي ڳوٺ ٻلھڙيجي ۾ ملھائي وئي، سياسي سماجي ڌرين بشير پيرزادو، فراز پيرزادو، اسرار احمد، شاهزيب علي ۽ ٻين لطف پيرزادي جي آخري آرام گاهه تي حاضري ڀري گل رکيا ۽ لطيف جا بيت پڙهي ڀيٽا پيش ڪئي. ان موقعي تي هنن چيو ته لطف پيرزادو سنڌ جو کاهوڙي ڪردار ۽ ڀٽائي جو عاشق، بيباڪ صحافي، سياسي ڪارڪن، سيلاني فقير، ٽريڊ يونينسٽ ۽ سماجي اڳواڻ هو کيس ڪڏهن به وساري نه ٿو سگهجي، لطف پيرزادو شاھ جو شارح ۽ حقيقي فقير ھو جنھن عوامي ڀلائي جا ڪم ڪيا ۽ لطيف تي جديد تحقيق ڪئي جيل ڪاٽيا هو عوامي جدوجھد تي يقين رکندڙ ھو. ھنن چيو تہ سندس نوجوان پٽ جي شھادت تي بہ ھن جا حوصلا بلند ھئا . لطف پيرزادي شاھ جي رسالي ۾ ڌرتي واسين جي دردن جا درمان ڳوليا ھن جي اڳياڙي توڙي پڇاڙي سجائي گذري. لطف جو س ا س سان اٽوٽ رشتو ھو. ھن سچ جي ڳولا ۾ سڄي عمر گذاري.