گلشن ۾ ڦر، مزاحمت تي شهري زخمي،2 ڦورو سوگها

گلشن اقبال ( ن ع آ)   سچل ٿاڻي جي حد انڊس اسڪول ڀرسان ٻن ھٿياربند ڦورن ھڪ شھري کان روڪ رقم ۽ موبائل فون ڦر جي ڪوشش ڪئي جنھن تي ھن ساڻن مزاحمت ڪئي تـ ڦورن کيس گوليون ھڻي زخمي  ڪري ڇڏيو اھڙي واقعي بعد موجود ماڻھن ٻن ڦورن کي پڪڙي سخت مارڪٽ ڪري پوليس اطلاع ڪري گھرايو جنھن بعد پوليس ٻنھي جوابدارن کي گرفتار ڪري کنڀي ٿاڻي تي کڻي وئي زخمي نوجوان جي سڃاڻپ عبدالجبار ولد عبدالسميع طور ٿي جنھن کي چيپا ايمبولينس ذريعي سول اسپتال ڪراچي منتقل ڪيو ويو آھي.  نوجوان کي ڦر مزاحمت تي زخمي ڪرڻ ۽ ٻن ڦورن کي پڪڙي پوليس حوالي ڪرڻ واري معاملي بابت ڪوشش طرفان وڌيڪ تفصيل معلوم ڪرڻ لاء سچل ٿاڻي جي ايس ايڇ او سان رابطو ڪيو ويو جنھن ڪال اٽينڊ نـ ڪئي واضح رھي تـ سچل ٿاڻي جي حد ۾ اسٽريٽ ڪرمنلز ڪاروايون تيزي سان وڌڻ ڪري علائقي واسي سخت خوف ۾ مبتلس آھن ھنن ايس ايس پي ملير عرفان بھادر کان گھر ڪئي تـ معاملي جو نوٽيس وٺي وڌندڙ ڏوھن تي ضابطو آڻڻ لاء پوليس عملدارن خلاف سخت ڪاروائي ڪئي وڃي.

  • حيدرآباد ۾ قومي شاهراهه وٽان هٿ پير ٻڌل لاش هٿ

حيدرآباد(رپورٽر) حيدرآباد جي هٽڙي ٿاڻي جي حد قومي شاھراھ جي پاسي جنگ مان هڪ نوجوان جو هٿ پير ٻڌل لاش هٿ آيو، جنهن جي سڃاڻپ ٽنڊو محمد خان جي ڳوٺ سليمان سومرو واسي سيف الله پٽ محمد ظاهر سومرو طور ٿي آهي، جڏهن ته پوليس لاش کڻائي پوسٽ مارٽم لاءِ سول اسپتال منتقل ڪرايو، جتي پوسٽ مارٽم بعد لاش کڻڻ لاءِ وارث اسپتال پهتل هئا، پوليس موجب نوجوان جي لاش ملڻ بابت ڪيل شروعاتي جاچ ۾ پتو پيو آهي ته رات جو دير سان مزدا گاڏي ٽڪر هنيو جنهن جي نتيجي ۾ نوجوان فوت ٿي ويو پر حادثي دوران مزدا به ڪلٽي ٿي پئي هئي، جنهن سبب مزدا ۾ ويٺل ماڻهو به زخمي ٿيا، جن کي علاج لاءِ سول اسپتال آيا، پوليس جو اهو چوڻ آهي ته مزدا جي ٽڪر ۾ فوت ٿيل نوجوان کي قومي شاهراهه جي جنگ ۾ اڇلايو ويو، اهڙي اطلاع تي پوليس کي نه ڏني وئي، مزدا جي اسپتال پهتل زخمين کي ڳولڻ لاءِ پوليس موڪلي آهي. جڏهن ته نوجوان جي موت جو ڪارڻ پوسٽ مارٽم رپورٽ اچڻ بعد معلوم ٿي سگهندو. ٻئي طرف فوتي جي وارثن اهو سوال پئي اٿاريو ته مزدا جي ٽڪر ۾ فوت ٿيل نوجوان جا هٿ پير ڪنهن ۽ ڇو رسن سان ٻڌا. معاملو شڪي آهي. نوجوان کي قتل ڪيو ويو آهي.

  • بوزداروڏا صحت مرڪز ۾ پاڻي ،  لکين رپين مشنري خراب

بوزداروڏا   (ن ع آ) بوزدار وڏا ۾ چوماسي جي برساتن سبب بي ايڇ يو بوزدار وڏا ۾ چئين ڏينهن کان برسات ۽ نالين جو گندو پاڻي بيھڻ سبب  بي ايڇ يو انتظاميا بيوس بڻيل وڏي آبادي رکندڙ شهر بوزدار وڏا  جا رهواسي برسات جي گندي پاڻي سبب مختلف بيمارين  بخار ذڪام کنگهه پيٽ جو سور جي مختلف بيمارين ۾ وڪوڙجي ويا آهن . پ.ر بي ايڇ يو بوزدار وڏا سميت ضلعي انتظاميا نااهلي سبب سينٽر جي  اندر پيل قيمتي دوائون ۽ لکين لکين رپين جي ٽيڪنيڪل مشينري خراب ٿيڻ لڳيون سياسي سماجي اڳواڻن ۽ شھرين اعلي اختيارين نوٽيس وٺڻ جو مطالبو ڪيو

  • تڪ جي عوام سان هر وقت گڏ آھيون: علي حسن زرداري

ٻھارا (ن ع آ)ايم پي اي علي حسن زرداري جي بهترين اڳواٽ پلاننگ سان  هلندڙبرساتن ۾ تڪ پي ايس 78 گهوڙاٻاري ۾ نقصان گهٽ ٿيو آھي . گهوڙاٻاري تڪ پي ايس 78 جو پاڪستان پيپلز پارٽي جو ايم پي اي علي حسن زرداري پنهنجي جاري ڪيل بيان ۾  چيو آھي  ته سنڌ جي سامونڊي پٽي ۾ رين ايمرجنسي جي حوالي  سان تمام کاتن کي الرٽ ڪيو ويو آھي.  انتظامن بابت جائزو ورتو پيو وڃي ۽ چيو ته ضلعي  عملدارن کي هدايت ڪئي آھي ته ضلعي ۾ برساتي نالن جي صفائي سٿرائي ۽ پاڻي نيڪالي جي نظام کي منظم بنائڻ ۽گهربل مشينري جي دستيابي کي يقيني بڻايو ويو آھي . ۽ چيو ته آئون رين ايمرجنسي ۾ تڪ جي عوام سان گڏ هر وقت موجود آھيان .  ايم پي اي علي حسن زرداري چيو ته پاڪستان پيپلز پارٽي جو منشور هي عوام جي خدمت ڪرڻ آھي ۽ چيو ته پاڪستان پيپلز پارٽي جي اعلي قيادت طرفان تڪ پي ايس 78 گهوڙاٻاري ٺٽو جي عوام کي وڌ کان وڌ رليف فراهم ڪرڻ جون خاص هدايتون ٿيل آھن جنهن تي پڻ عمل ڪري رهيا آھيون . ياد رهي ته اليڪشن 2018 کان اڳ ضلعي ٺٽي جي ساحلي پٽي جي انهن علائقن ۾ معمولي برسات پوڻ سبب به وڏي تباهي ايندي هئي ڪير والي وارث نه هوندو هو ۽ عوام کي وڏو نقصان برداشت ڪرڻو پوندو هو . اليڪشن 2018 ۾ ايم پي اي علي حسن زرداري جا عوام سان ڪيل تمام وعدا وفا ٿيندي علائقي جي صورتحال هي تبديل ٿي ۽ ترقي آھي عوام اڄ ڪيتري به شديد برساتون هجن به عوام محفوظ آھي .

  • اسلام آباد ۾ ٻين مذهبن جي رهواسين جي آخري رسمن لاءِ ماڳ موجود آهن: گهرو مملڪتي وزير

اسلام آباد (اي پي پي) قومي اسيمبلي کي ٻڌايو ويو آهي ته اسلام آباد ۾ اسلام کانسواءِ ٻين مذهبن جي مڃيندڙن جي آخري رسمن لاءِ ماڳ موجود آهن. جمعي ڏينهن قومي اسيمبلي ۾ سوالن واري وقفي دوران طاهره اورنگزيب جي سوال تي گهرو مملڪتي وزير عبدالرحمان ڪانجو چيو ته اسلام آباد ۾ مسلمانن ۽ ٻين مذهبن جي قبرستانن لاءِ مختلف هنڌن جو تعين ڪيو ويو آهي،

 

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.