سکر بئراج ۾ لاش اچڻ جو سلسلو نه رڪيو، 10 لاش آيا، سڃاڻپ نه ٿي

سکر(رپورٽر: شفيع محمد ابڙو ) سکر بئراج تي نامعلوم لاشن اچڻ جو سلسلو نه رڪجي سگهيو، هڪ هفتي ۾ ڏھ لاش اچي ويا، سکر جي انتظاميا هميشه جيان ڪنهن به لاش جي سڃاڻپ نه ڪرائي، سکر بئراج ۾ هرسال چاڙھ دوران سوين لاش ملڻ باوجود ڪنهن جي شناخت نه ٿي سگهي، سوين لاش سکر جي نئين ڳوٺ قبرستان ۾ لاوارث دفن ٿيل، سياسي سماجي ۽ مذهبي ڌرين پاران نامعلوم لاشن جي هرسال وڏي انگ ۾ سکر بئراج وٽان ملڻ ۽ شناخت ٿيڻ تي ڳڻتي ظاهر، حڪومت کان سڀني لاشن جي ڊي اين اي ڪرائي شناخت ڪرائڻ جو مطالبو، خبر موجب: سکر بئراج ۾ لاشن اچڻ جو سلسلو رڪجي نه سگهيو آهي ان سلسلي ۾ گذريل هڪ هفتي دوران 10 لاش لڙهي آيا آهن جن کي هميشه جيان سکر انتظاميه پاران سڃاڻپ ڪرائڻ بجاءِ لاشن کي لاوارث ڄڻائي ايڌي حوالي ڪيو ويو جن لاشن جو ڪفن دفن ڪري کين نئين ڳوٺ جي قبرستان ۾ دفنائي ڇڏيو آهي، هوڏانهن هر سال جيان هن سال به سکر بئراج ۾ لاش لڙهي اچڻ کانپوءِ انتظاميه پاران لاشن جي سڃاڻپ ڪرائن بدران لاشن کي لاوارث ڄاڻائي دفنائڻ واري عمل خلاف سکر جي سياسي سماجي ڌرين گهري افسوس جو اظهار ڪندي چيو آهي ته سکر انتظاميه هر سال جيان هن سال به سکر بئراج ۾ پاڻي جي چاڙهه سبب لڙهي ايندڙ لاشن کي لاوارث ڄاڻائي دفنائي ڇڏيندي آهي جيڪو انتهائي افسوسناڪ عمل آهي انتظاميه کي گهرجي ته هو لاشن کي ڊي اين ذريعي سڃاڻپ ڪرائي هنن اعليٰ اختيارين کان مطالبو ڪيو ته ملندڙ لاشن جي ڊي اين اي ذريعي سڃاڻپ ڪرائي انهن کي سندن وارثن حوالي ڪيو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.