سرحد لڳ نينگر ٻن هفتن کان گم، وارثن جو احتجاج

سرحد ( ن ع آ  ) سرحد ٿاڻي جي حد ڪرنل موڙ واسي نينگر جاويد علي ولد ميهار علي چنو ٻن هفتن کان لاپتا ٿيل آھي جنهن جو ڪو به ڏس  پتو ناهي پئجي سگهيو، ان سلسلي ۾ گم ٿيل نينگر جي وارثن مهيار علي چنو جي اڳواڻي ۾ سرحد پريس ڪلب اڳيان احتجاج ڪيو،  ان موقعي تي مظاهرين جو چوڻ هو ته ٻن هفتن کان نوجوان پُٽ لاپتا ٿيل آھي، سرحد پوليس کي اطلاع به ڏنو آھي مگر پوليس اين سي داخل ڪري خاموش ويهي رهي آھي سرحد پوليس پٽ جي ڳولا ۾ ڪوبه سهڪار نٿي ڪري، هنن خدشو ظاهر ڪندي چيو آھي.  ته اسان کي شڪ آھي متان اسان جي نينگر جاويد چنو کي اغوا ڪيو ويو آھي، هنن اعلى اختيارين کان پُٽ جي ڳولا ۾ مدد جي اپيل ڪئي آھي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.