ميهڙ ڀرسان راڄ واهه کي 50 فوٽ گهارو، فصل لڙِهي ويو

ميھڙ  ( س ر ) ميهڙ ڀرسان ڳوٺ پوراچو ڀرسان راڄ واه کي برسات سبب 50 فوٽ گهارو پئجي ويو گهاري سبب راڄ واه ڀرسان ڪيترين ئي  ايڪڙن تي بيٺل ساريالو فصل لڙهي ويو آھي جڏهن ته گهاري سبب ڳوٺ پوراچو سميت ڪيترائي ڳوٺ ٻڏڻ جو خطرو وڌي ويو پاڻي تيزي سان ڳوٺن طرف وڌي رهيو تہ اطلاع باوجود آبپاشي عملو واقعي واري هنڌ نه پھتو ڳوٺاڻن پاران پنهنجي مدد پاڻ تحت گهاري کي عارضي طور بند ڪري ورتو آھي  ڳوٺاڻن جواد مهيسر حبدار مهيسر ۽ ٻين جو چوڻ هيو ته برسات سبب اڳ ئي پاڻي بيٺل هيو ڳوٺاڻن پنهنجي مدد پاڻ تحت عارضي طور گهارو  بند ڪري ورتو آھي سرڪار ۽ آبپاشي کاتي تحرڪ نه ورتو ته ٻيهر گهارو لڳي سگهي ٿو گهر ٻڏي ويندا ۽ سمورو فصل لڙهي ويندو هنن آبپاشي کاتي کان نوٽيس وٺڻ جو مطالبو ڪندي گهارو بند ڪرڻ لاء تحرڪ وٺڻ جي گهر ڪئي آھي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.