گهوٽڪي لڳ زهريلو کاڌو کائڻ سبب هڪ ئي گهر جا 5 ڀاتي بيهوش

گهوٽڪي ( ڊ ر) گهوٽڪي ڀرسان زهريلو کاڌو کائڻ سبب هڪ ئي گهر جا پنج ڀاتي بيهوش، اسپتال داخل، حالت ڳڻتي جوڳي، خبرموجب گهوٽڪي ڀرسان بي سيڪشن ٿاڻي جي ڳوٺ ڳوٺ سڄڻ واري ۾ زهريلو کاڌو کائڻ سبب هڪ ئي گهر جا 5 ڀاتي بيهوش ٿي ويا،بيهوش ٿيلن ۾ 45 سالا سومر، مٺل، وحيد، گلماس، ۽ گلزادي ملڪ، شامل آھن، بيهوش ٿيل گهرڀاتين جي وارثن جو چوڻ هو ته برساتن بعد زمين مان پيدا ٿيل کُنڀين جي ڀاڄي کائڻ سبب گهر ڀاتي بيهوش ٿي ويا آھن،  هوڏانهن بيهوش ٿيل گهر ڀاتين جو گهوٽڪي سول اسپتال ۾ علاج پڻ جاري هو، خبر فائيل ڪرڻ تائين بيهوش ٿيل گهرڀاٿين کي هوش نه اچي سگهيو،

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.