پني عاقل ۾ برسات بعد ڊائريا وڌي وئي، ڪيترائي مريض اسپتال پهتل

پني عاقل (رپورٽ: رستم انڍڙ) پنوعاقل ۾ برسات کان پوءِ گندگي سبب ڊائريا وبائي صورت اختيار ڪري وئي، تعلقي اسپتال ۾ گذريل ڏينهن 50 کان وڌيڪ ڊائريا جا مريض رپورٽ ٿيا آهن محمد طارق، مائي  عنايت، مائي رافعيا، سعد الله، عبدالرئوف، حاڪم علي، علي محمد، صابر علي، محمد طارق، جويريا، مائي نويدان سميت 50 کان وڌيڪ عورتون، مرد توڙي ٻارڙا ڊائريا ۾ وٺجي ويا آهن جن کي تعلقه اسپتال پنوعاقل ۾ علاج لاءِ آندو ويو آهي جتي مريضن جي وارثن ٻڌايو ته عورتن ۽ ٻارڙن کي ڊائريا وبا وڪوڙي ڇڏيو آهي صحت کاتي، سنڌ حڪومت ۽ اسپتال انتظاميا کان  علاج لاءِ اپيل ڪريون ٿا هوڏانهن اسپتال انتظاميا ٻڌايو ته ڊائريا ۾ ورتل مريضن جو علاج جاري آهي جن کي طبي امداد ڏئي اسپتال داخل ڪيو ويو آهي. ڊائريا وبا ۾ ورتل مريضن جو وڌيڪ علاج جاري آهي اسان پنهنجي طرفان سٺي علاج لاءِ هر قسم جي ڪوشش ڪريون پيا.

  • ڪنڊيارو  ۾ برسات بعد ، گيسٽرو پکڙجي وئي، ڪيترائي اسپتال منتقل

ڪنڊيارو ( ن ع آ ) ڪنڊيارو شھر ۽ ڀرپاسي وارن ڳوٺن ۾ برساتن بعد گيسٽرو جو مرض تيزي سان پکڙجي رهيو آھي، مختلف  هنڌن کان گيسٽرو مرض ۾ مبتلا ٿيل مريضن روبينه، ساجدا،عبدالرزاق، علي رضا، افسانا،عامر، عاصم، جعفر، مسمات هير،ڪامران ۽ حفيظان سميت تقريبن ٽيهن مريضن کي ڪنڊيارو سول اسپتال پهچايو ويو جن مان ڏهن مريضن کي داخل جڏهن ته باقي مريضن کي گهر روانو ڪيو ويو آھي، ڪنڊيارو جي خانگي اسپتالن مان مليل انگ اکر موجب هڪ ڏينهن اندر تقريبن پنج سئو کان وڌيڪ گيسٽرو مريضن کي اسپتال آندو ويو، گيسٽرو جي مريضن ۾ ٻارڙن جي اڪثريت شامل آھي، گيسٽرو جي مريضن لاءِ سرڪاري اسپتال ۾ ڪينولا ۽ ٻيون انتهائي ضروري دوائون نه هجڻ برابر آھن، گيسٽرو جي وڌندڙ مرض جي پيش نظر ڪي به انتظام ناهن ڪيا ويا، اسپتال ۾ داخل مريضن پاران گيسٽرو مريضن لاءِ سرڪاري اسپتالن ۾ هنگامي حالتون لاڳو ڪري گيسٽرو مرض جون سموريون دوائون مهيا ڪرڻ جي گهرڪئي وئي آھي.

  • خيرپور ۾گيسٽرو جي مرض تي ضابطو نه آيو، وڌيڪ70 ٻار اسپتال ڀيڙا

خيرپور(ڊ ر ) خيرپور ۾ گيسٽرو جي مرض تي ضابطو اچي نه سگهيو، 24 ڪلاڪن اندر خيرپور ۽ ان جي آس پاس وارن علائقن جا گيسٽرو ۾ مبتلا 70 وڌيڪ ٻارڙا سٽي اسپتال خيرپور داخل گيسٽرو سبب اسپتال داخل ڪيل ٻارڙن ۾ علي حسن، منظر علي، رحيم بخش، علي خان، صبا، عباس، نورين، ايوب، ذوھيب، احسان، محمد فيصل، مهرالنساءِ، مسڪان، ايمان، محمد علي، خان محمد ۽ ٻيا شامل آهن روزانو جي بنياد تي وڏي انگ ۾ گيسٽرو ۾ مبتلا ٻارڙن کي اسپتال داخل ڪرڻ سبب اسپتال ۾ بيڊن جي کوٽ برقرار اسپتال ۾ بيڊن جي کوٽ سبب ٻارڙن جا وارث ۽ اسپتال عملو ڏکيائين کي منهن ڏيڻ لڳو گيسٽرو ۾ مبتلا ٻارن جي وارثن طرفان اضافي بيڊ لڳائڻ ۽ گهربل سهولتون فراهم ڪرڻ جي گهر ڪئي وئي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.