سجاول ۾ زرعي دوائن ۽ ڀاڻ ڊيلرز جي دڪانن تي ڇاپا، ڏنڊ لاڳو

سجاول (ڊ ر)ڊپٽي ڪمشنر شهريار گل ميمڻ جي هدايتن تي سجاول ضلعي جي سمورن اسسٽنٽ ڪمشنرن زراعت کاتي ۽ ٻين لاڳاپيل عملدارن سان گڏ پنهنجي لاڳاپيل تعلقن جي مختلف هنڌن تي موجود زرعي دوائن ۽ ڀاڻ ڊيلرز جي دڪانن تي اوچتا ڇاپا هڻي ڀاڻ جي قيمتن جي لسٽ ۽ رڪارڊ چيڪ ڪيو جڏهن ته ڪجهه دڪاندارن تي ڀاڻ جي اضافي قيمت تي وڪرو ڪرڻ ۽ باقاعده رڪارڊ نه رکڻ تي موقعي تي ئي ڏنڊ لاڳو ڪيو ويو ۽ ڪيترن ئي کي خبردار پڻ ڪيو ويو. ان موقعي تي لاڳاپيل عملدارن چيو ته ڊپٽي ڪمشنر شهريار گُل ميمڻ جي هدايتن تحت ضلعي انتظاميه ۽ زراعت کاتي جون گڏيل ڪارروايون ان وقت تائين جاري رهنديون، جيستائين هارين کي حڪومت طرفان مقرر اگهه تي ڀاڻ ۽ دوائون آسانيءَ سان نه ملنديون. هن سمورن واپارين کي خبردار ڪيو ته هو حڪومت طرفان مقرر ڪيل اگهن تي ڀاڻ وڪرو ڪن ۽ پنهنجو رڪارڊ برقرار رکن جڏهن ته حڪومت طرفان منظور ڪيل ڀاڻن جي قيمتن جي لسٽ نمايان هنڌن تي لڳائڻ سميت ڀاڻ جو کليل وڪرو ڪيو وڃي. هن دڪاندارن کي چتاءُ ڏنو ته هو جعلي ۽ غير معياري زرعي دوائون وڪرو ڪرڻ کان پاسو ڪن جڏهن ته ڀاڻ به مهانگي اگهه تي وڪرو نه ڪيو وڃي، ٻي صورت ۾ سندن خلاف قانوني ڪارروائي ڪئي ڪندي ڳرا ڏنڊ لڳائڻ سميت سندن دڪانن کي سيل ڪري جيل پڻ موڪلي سگھجي ٿو. ان موقعي تي مختيارڪار ۽ ٻين لاڳاپيل کاتن جا عملدار ۽ عملو پڻ موجود ھو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.